اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ ٻن مرحلن ۾ پُرامن چونڊن جي بندوبست سان جمهوريت، ڪشميري عوام ۽ رياست جي ڪامياب ٿي آهي، پ پ گذريل ڏينهن صبح کان ئي ڌانڌلي جو بيانيو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، ميثاقِ جمهوريت جي روح جي ابتڙ بيانيو بڻائڻ …
آزاد ڪشمير ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرايون ويون، اسان سادي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي: رانا ثناءُ الله ۽ انجنيئر امير مقام جي پريس ڪانفرنس
اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ ٻن مرحلن ۾ پُرامن چونڊن جي بندوبست سان جمهوريت، ڪشميري عوام ۽ رياست جي ڪامياب ٿي آهي، پ پ گذريل ڏينهن صبح کان ئي ڌانڌلي جو بيانيو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، ميثاقِ جمهوريت جي روح جي ابتڙ بيانيو بڻائڻ تي بلاول ڀٽو کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، آزاد ڪشمير جي تاريخ ۾ صاف ۽ شفاف آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن، انتظاميه ۽ سيڪيورٽي ادارن کي واڌايون پيش ڪريون ٿا، عوام (ن) ليگ جي قيادت ۽ پاريءَ تي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو ان تي کين مايوس نه ڪنداسين، جيڪي واعدا ڪيا آهن اهي پورا ڪنداسين، ڌرڻي ۾ ويٺل محبِ وطن ۽ پاڪستان سان محبت ڪندڙ ڪشميري ڳالهين طرف اچن. سومر ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي رانا ثناءُ الله چيو ته ٻئي مرحلي ۾ آزاد ڪشمير ۽ پناهگيرن جي 20 تڪن ۾ چونڊ عمل مڪمل ٿيو، ٻئي مرحلي ۾ (ن) ليگ 23 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، (ن) ليگ آزاد ڪشمير ۾ سادي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي. ميرپور ڊويزن جي 9 ۽ مظفر آباد ڊويزن جي 7 سيٽن مان 4 (ن) ليگ، 3 سيٽن تي پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيا، پناهگيرن جي 12 مان 10 سيٽن تي (ن) ليگ ۽ 2 سيٽن تي پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيا. راڻا ثناءُ الله چيو ته پ پ ميرپور ۾ شڪست کانپوءِ ڌانڌليءَ جو بيانيو ٺاهڻ شروع ڪيو، پ پ پهرين 13 تڪن ۾ ڌانڌليءَ جا الزام لڳائيندي رهي، ثبوت گُهرڻ تي پ پ جي ڌانڌليءَ جي دعويٰ 13 کان 4 تڪن تي اچي وئي، وڌيڪ شاهديون گُهريون ويون ته ڌانڌيءَ جي دعويٰ صرف 2 تڪن تائين رهجي وئي، اتي به (ن) جي اميدوار جي تڪ ۾ 90 سيڪڙو پولنگ جي ڳالهه ڪئي جڏهن ته اسان کين ٻُڌايو ته سندس پنهنجي اميدوار جي اباڻي پولنگ اسٽيشنن تي 96 سيڪڙو ووٽ پول ٿيا اسان فرانزڪ ڪرائڻ جي آڇ پڻ ڪئي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جو بندوبست ٿيو، ڪامياب اميدوارن سميت هاريندڙ سمورا اميدوار به مبارڪن جا مستحق آهن، آزاد ڪشمير ۾ عوامي مينڊيٽ سان حڪومت واضح طور تي وجود ۾ ايندي، (ن) ليگ جي حڪومت آزاد ڪشمير ۾ تعمير ۽ ترقيءَ جو نئون دؤر شروع ڪندي. رانا ثناءُ الله چيو ته ميان نواز شريف جي واعدي موجب آزاد ڪشمير جي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين. چونڊن جي آخري مرحلي کانپوءِ (ن) ليگ جي پارلياماني پارٽيءَ جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ حڪومت سازيءَ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، چونڊ ڪاميابيءَ تي (ن) ليگ جي ڪارڪنن، ووٽرن ۽ ورڪرن جو شڪريو ادا ڪريون ٿا ۽ مرڪزي قيادت کي مبارڪون پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان کي پهرين ئي چونڊ نتيجن جو اندازو هو، ڇا پ پ کي ان جو اندازو نه هو؟ پنجاب ۾ پ پ ڪا مهم نه هلائي هتي اسان جو مقابلو ڪٿي آزاد ۽ ڪٿي مسلم ڪانفرنس سان ٿيو. ڪوٽله ۾ اسان جو مقابلو اسان جي ناراض اڳواڻ سردار تبارڪ علي سان ٿيو. هن چيو ته کاوڙه جي تڪ ۾ گذريل ڏينهن مختلف حربا استعمال ڪيا ويا ته ڪهڙيءَ طرح پولنگ جو عمل متاثر ٿيو ۽ ٽرن آئوٽ گهٽ هو، هتي وقتي صدر تي قاتلاڻي حملي جو ڪو ميڊيڪل ثبوت ناهي ڏنو، حڪومت ۾ هئڻ باوجود اليڪشن ڪميشن کان سيڪيورٽي جي خراب صورتحال جي گلا ڪئي پئي وئي. مظفر آباد ۾ شهر ۾ هڪ منصوبا بنديءَ تحت شهر ۾ امن امان ۾ رنڊڪ وجهي وئي ته جيئن ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو ۽ ان جو ثبوت کڻي اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪنداسين. سنڌ مان هڪ ايم اين اي پوليس سان گڏ پولنگ اسٽيشنن تي خوف هراس ڦهلائيندو رهيو، بلاول ڀٽو ان جو نوٽيس وٺي. پ پ هڪ جمهوري سياسي پارٽي آهي، وٽانئن مينڊيٽ تسليم نه ڪرڻ ميثاقِ جمهوريت جي خلاف آهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ مجموعي ٽرن آئوٽ تمام سٺو رهيو، ماڻهن بائيڪاٽ جي ڪال کي رد ڪري ڇڏيو ۽ رڪاوٽن جي پرواهه نه ڪندي چونڊ عمل ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته چونڊن جو ٻيو مرحلو به ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيو، اها ڪاميابي (ن) ليگ جي ئي نه، جمهوريت، ڪشميري عوام رياست جي عملداريءَ جي ڪاميابي آهي، ماڻهن بائيڪاٽ جي اپيل کي رد ڪندي ڌڙا ڌڙ ماڻهو نڪتا، پنهنجو بنيادي حق استعمال ڪيو، اليڪشن ڪميشن ڏينهن رات محنت ڪئي، انتظاميه پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن پُرامن چونڊن جي بندوبست تي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، ان تي سندن شڪريو ادا ڪريون ٿا. هڪ منظم ٽيم ورڪ سان اليڪشن جو پُرامن ۽ منصفاڻو بندوبست ممڪن ٿيو. ڪامياب ٿيل ۽ جمهوري عمل جو حصو بڻجندڙ اميدوارن کي مبارڪون پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان آزاد ڪشمير ۾ گذريل ٻن سالن کان محنت شروع ڪري رکي آهي، اسان جي پارٽي جلسا جلوس ڪري جمود ٽوڙيو، سياسي سرگرمين ڪيون، پ پ جي اڳواڻن ڌانڌيءَ جا الزام لڳائي پنهنجي قيادت کي غلط گائيڊ ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽيون مرحلو پهرين ٻن مرحلن کان به بهتر ٿيندو، ان ۾ به ڪاميابي حاصل ڪنداسين. اها آزاد ڪشمير جي تاريخ جي فري اينڊ فيئر اليڪشن هوندي، ان ۾ گهڻين ڏُکيائين باوجود ٽرن آئوٽ پهرين کان وڌيڪ رهيو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو ته احتجاج ۽ ڌرڻن سان مسئلا حل نه ٿيندا، عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، پنهنجا واعدا پورا ڪنداسين، ڌرڻي ۾ ويٺل ڪجهه هزار ماڻهو لکين ماڻهن جي مقدر جو فيصلو نٿا ڪري سگهن، کين چئون ٿا ته وقت ضايع نه ڪريو، صرف ميرپور ڊويزن ۾ 6.5 لک ووٽ وڌا ويا، جيڪڏهن سندن ايجنڊا رياست جي رٽ چئلينج ڪرڻ آهي يا ڪجهه ٻيو، ته ائين نه ماضيءَ ۾ ٿيو آهي ۽ نه ئي آئينده ٿيندو ته ڪنهن رياست جي عملداري ختم ٿي سگهي.











