پشاور- 03 آگسٽ (اي پي پي) مهمند پوليس وقت سر جوابي ڪارروائي ڪندي امبار ٿاڻي جي حدن ۾ خارئي پوليس چوڪي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو. دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مهمند پوليس ترجمان مطابق امبار ٿاڻي جي حدن ۾ واقع خارئي دره پوليس چوڪي تي اڻڄاتل هٿياربند دهشتگردن حملي جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس جي جوانن وقت سر جوابي فائرنگ ڪندي دهشتگردن جا ناپاڪ اراد …
مهمند پوليس جي جوابي ڪارروائي، امبار ٿاڻي جي حدن ۾ خارئي دره پوليس چوڪي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام، دهشتگرد فرار

مزید خبریں
پشاور- 03 آگسٽ (اي پي پي) مهمند پوليس وقت سر جوابي ڪارروائي ڪندي امبار ٿاڻي جي حدن ۾ خارئي پوليس چوڪي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو. دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مهمند پوليس ترجمان مطابق امبار ٿاڻي جي حدن ۾ واقع خارئي دره پوليس چوڪي تي اڻڄاتل هٿياربند دهشتگردن حملي جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس جي جوانن وقت سر جوابي فائرنگ ڪندي دهشتگردن جا ناپاڪ اراد ناڪام بڻائي ڇڏيا. اطلاع ملندي ئي ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر مهمند موقعي تي پهچي سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن جي قيادت سنڀالي ۽ سموري ڪارروائي جي نگراني ڪئي. پوليس جي ڀرپور دٻاءُ ۽ اثرائتي حڪمت عملي سبب دهشتگرد کيمور جبل رستي باجوڙ ضلعي ڏانهن فرار ٿي ويا. دهشتگردن جي فرار ٿيڻ دوران سندن هڪ وائر ليس هينڊ سيٽ موقعي تي ڪري پيو، جنهن کي پوليس قبضي ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.











