ايران سان ڳالهين جو نئون دور اڄ شروع ٿي ويندو: آمريڪا

واشنگٽن- 03 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان نيون ڳالهيون سومر کان شروع ٿينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر جو اهو بيان ايران تي حملا بند ڪرڻ بابت گذريل رات ڪيل سندس اعلان بعد سامهون آيو آهي. هن چيو ته هن وقت آبنائي هرمز بابت هڪ معاهدو موجود آهي ۽ ايران جي ايٽمي هٿيارن تان هٿ کڻن بابت به معاهدو حاصل ڪيو ويندو. …

واشنگٽن- 03 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان نيون ڳالهيون سومر کان شروع ٿينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر جو اهو بيان ايران تي حملا بند ڪرڻ بابت گذريل رات ڪيل سندس اعلان بعد سامهون آيو آهي. هن چيو ته هن وقت آبنائي هرمز بابت هڪ معاهدو موجود آهي ۽ ايران جي ايٽمي هٿيارن تان هٿ کڻن بابت به معاهدو حاصل ڪيو ويندو. پنهنجي جهاز ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته ظاهر آهي ته هو حملي جو نشانو بڻجڻ نه ٿا چاهين، هو حملي جي طاقت کان آگاهه هئا ڇو جو هو ان جون تياريون ڏسي رهيا هئا. سندس چوڻ هو ته هاڻي اسان هنن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، اهي ڳالهيون سومر کان شروع ٿينديون.