بهاولپور- 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بهاولپور ۾ پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ظهير اقبال چنڙ ۽ سندس ڀاءُ ملڪ منير اقبال چنڙ جي گهر پهچي ساڻن ۽ خاندان جي ٻين ميمبرن سان سندن والد، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ محمد اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، ان …
وزيراعظم جي پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي گهر آمد، سندس والد قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ محمد اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت

مزید خبریں
بهاولپور- 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بهاولپور ۾ پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ظهير اقبال چنڙ ۽ سندس ڀاءُ ملڪ منير اقبال چنڙ جي گهر پهچي ساڻن ۽ خاندان جي ٻين ميمبرن سان سندن والد، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ محمد اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، ان موقعي تي بهاولپور سان تعلق رکندڙ قومي ۽ پنجاب اسيمبلي جا ميمبر ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ پُڻ موجود هئا. منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس لغاري ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم مرحوم جي پارٽي سان وفاداري کي ساراهيندي چيو ته هن مسلم ليگ (ن) ۾ هڪ سياسي اڳواڻ طور اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته مرحوم قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان عوام جي ڀلائي لاءِ وڏيُون خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ پونئرن کي صبر ۽ حوصلو عطا فرمائي.











