اسلام آباد-12 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پاڪستان جو
دورو ڪندڙ آمريڪي ڪانگريس جي وفد سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس
طرفان جاري پڌرائي مطابق پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، پاڪستان جو دورو
ڪندڙ آمريڪي ڪانگريس جي وفد سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ ڪانگريس مميبر
جيڪ برگمين، تام سوزي ۽ جوناٿن جيڪس شامل هئا. ان موقعي تي ڌرين گڏيل
دلچسپي جي شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ متنوع بنائڻ جي
عزم جو ورجاءُ ڪيو.