منسڪ – 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي مهمان نوازي تي سندس ٿورا مڃيندي چيو آهي ته اڄ پاڪستان بيلاروس لاڳاپن ۾ هڪ يادگار ڏينهن آهي، بيلاروس سان لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وينداسين. بيلاروس جي صدر سان ملاقات کانپوءِ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان خوشگوار ملاقات ٿي، منهنجي ۽ منهنجي وفد جي مهمان نوازي تي آئون سندس ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ملاقات ۾ اسان ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن جو جائزو ورتو جنهن ۾ سياسي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ عوام سان عوام جا رابطا شامل آهن. وزيراعظم چيو ته بيلاروس ۾ قومي تعمير جي ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ 150000 کان وڌيڪ انتهائي هنرمند پاڪستانين کي بيلاروس موڪلڻ تي اتفاق ٿيو آهي، زراعت ۽ غذائي تحفظ جي شعبن ۾ تعاون ۾ اضافي ۽ اليڪٽرڪ بسن ۽ زرعي مشينري جي تياري ۾ امڪاني گڏيل منصوبا اهڙا قدم آهن جيڪي اسان جي دوستي جي پائيدار ٻنڌڻ کي مضبوط حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندا. وزيراعظم چيو ته صدر لوڪاشينڪو ۽ آئون پاڪستان ۽ بيلاروس جي تعاون کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي ڀرپور خواهش رکون ٿا.