منسڪ – 11 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس دفاع، واپار ۽ ماحولياتي تحفظ سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون. انهن معاهدن تي صحيحون وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيلاروس جي دوري دوران ڪيون ويون. صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو پڻ موجود هئا. ٻنهي طرفن جي وزيرن اڳ کان صحيحون ٿيل دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي. پاڪستان ۽ بيلاروس جي حڪومتن ري ايڊميشن جي معاهدي سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارتن جي وچ ۾ تعاون جي هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ بيلاروس جي گهرو وزير آئيوين ڪبراڪوف دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي. پاڪستان ۽ بيلاروس ٻنهي ملڪن جي دفاع واري وزارتن جي وچ ۾ تعاون جي هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ۽ ان حوالي سان واپار واري وزير ڄام ڪمال خان ۽ بيلاروس جي دفاع واري وزير وڪٽر خرينن دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي. ٻنهي ملڪن جمهوريه بيلاروس جي ملٽري انڊسٽري بابت رياستي اٿارٽي ۽ دفاعي پيداوار واري وزارت جي وچ ۾ 2025 – 2027ع جي لاءِ فوجي ٽيڪنيڪي تعاون جي پروگرام (روڊ ميپ) تي صحيحون ڪيون. مواصلات واري وزير عبدالعليم خان ۽ بيلاروس جي ملٽري انڊسٽري بابت رياستي اٿارٽي جي وزير دمتري پينٽس دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي. دوري دوران ماحولياتي تحفظ، پوسٽل سروسز، بزنس سپورٽ، واپار جي فروغ ۽ واپاري ادارن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ ٻطرفي معاهدن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون.