منسڪ – 11 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مان ڏيڍ لک کان وڌيڪ تربيت يافته ۽ هنرمند نوجوانن کي بيلاروس موڪليو ويندو. اهو فيصلو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بيلاروس جي صدر لوڪاشينڪو جي وچ ۾ بيلاروس جي ايوان آزادي ۾ ٿيندڙ ٻطرفي ملاقات ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان مان هنرمند ۽ تربيت يافته نوجوانن کي بيلاروس موڪلڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جلد جوڙي ويندي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته زرعي شعبي ۽ زرعي مشينري جي تياري جي حوالي سان گڏيل طور تي ڪم ڪيو ويندو. ملاقات ۾ اليڪٽرڪ گاڏين، بسن جي تياري ۽ غذائي تحفظ جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ دفاعي تعاون ۽ بزنس ٽو بزنس تعاون وڌائڻ جو ورجاءُ پڻ ڪيو ويو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي معاملن سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ لاڳاپن جي سمورن رخن ۾ تازي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل فائديمند تعاون ۽ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسلام آباد ۾ گذريل سال ٿيندڙ پاڪ – بيلاروس گڏيل وزارتي ڪميشن جي اٺين اجلاس ۽ هن سال پاڪستان مان بين الوزارتي وفد جي بيلاروس جي دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم بيلاروس ۾ شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي تي صدر لوڪاشينڪو جا ٿورا مڃيا.