اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري لوئر دير ضلعي ۾ ڪامياب آپريشن ۾ 2 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڳجهي معلومات تي ٻڌل ڪارروائي دوران هاءِ ويليو ٽارگيٽ سميت فتنه الخوارج جي 2 دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن ڪارروائي دوران دهشتگردن جي اهم سرغنه کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪارروائي ۾ دهشتگردن جي سرغنه کي مارڻ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي آهي. صدر چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جون دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪامياب ڪارروايون ڪرڻ خوش آئنده آهي. هن فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.