منسڪ – 10 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊر 23 ورلڊ اسڪوائش چيمپيئن کٽڻ تي پاڪستاني رانديگر نور زمان کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اسڪوائش جي ميدان ۾ پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف نور زمان جي ڪاميابي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته نور زمان پنهنجي راند سان پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو، پوري قوم کي توهان تي فخر آهي. هن چيو ته انشاءَ الله پاڪستان اسڪوائش جي ميدان ۾ پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪندو.