منسڪ – 10 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان گڏيل طور تي پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. سوشل ميڊيا ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته منسڪ پهچڻ تي هوائي اڏي تي بيلاروس جي وزيراعظم اليگزينڊر ٽورچن پاران شاندار استقبال تي دلي تسڪين ٿي جتي کيس بيلاروس جي قديم روايت ۽ مهمان نوازي جي طور تي ڪورووائي، لوُڻ سان سَجيل ماني پيش ڪئي وئي. هن چيو ته آئون پنهنجي سرڪاري مصروفيتن خاص طور تي پنهنجي دوست صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان ملاقات جو منتظر آهيان، ڇو ته اسان گڏيل طور تي پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي اڳتي وڌائڻ جا خواهشمند آهيون.