اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته ڪچن گارڊننگ نه صرف هڪ صحتمنداڻي سرگرمي آهي پر هي ماحول دوست ۽ شهرين کي مالي طور پاڻڀرو ڪرڻ جو مؤثر ذريعو پڻ آهي. اسان کي ڪچن گارڊننگ کي هٿي ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. حڪومت ان ڪلچر جي بحاليءَ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن اربن ايگريڪلچر اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس جي شروعات ۾ نديم اقبال ڪچن گارڊننگ ۽ اربن ايگريڪلچر جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ڪچن گارڊننگ نه صرف هڪ صحتمنداڻي سرگرمي آهي پر هي ماحول جي بهتري ۽ شهرين کي پاڻڀرو ڪرڻ جو مؤثر ذريعو پڻ آهي. هن چيو ته اسان کي ڪچن گارڊننگ کي هٿي وٺرائڻ جي سخت ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هي ڪلچر اسان جي معاشري مان ختم ٿيندو پيو وڃي. حڪومت ان ڪلچر جي بحاليءَ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڪينيا، برازيل ۽ ڪيوبا جهڙن ملڪن جي ڪامياب ماڊلز جو جائزو ورتو پيو وڃي ته جيئن انهن کان سِکي مقامي سطح تي قابلِ عمل حڪمت اختيار ڪري سگهجي. هن ٻُڌايو ته حڪومت جلد ماحول ۽ زراعت جي بهتريءَ لاءِ عملي قدم کڻڻ وڃي رهي آهي. ان سلسلي ۾ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سهڪار سان هڪ ماڊل منصوبو جوڙي پيو وڃي جنهن سان عام شهري فائدو حاصل ڪندا. هن چيو ته هي ماڊل نه صرف شهرين کي سستيون ۽ تازيون ڀاڄيون فراهم ڪندو پر شهرين ۾ آگاهي پڻ پيدا ڪندو ۽ ماحول کي به خوبصورت بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.