اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته بهترين سياسي لاڳاپن کي معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪنداسين، ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي حمايت جاري رکنداسين، ڪشميرين کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب بنيادي خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ٿي. ان موقعي تي گڏيل پريس اسٽيڪ دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر ۽ سندس وفد جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته سندس اچڻ تي پاڪستان جي عوام ۾ خوشي جي لهر آهي، آذربائيجان پاڪستان جو بهترين دوست ۽ حقيقي ڀاءُ آهي، آذربائيجان جي صدر جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي وفدن جي سطح تي گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي شعبي جو ڪاٿو 100 ملين ڊالر آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي عڪاسي نه ٿو ڪري، ٻنهي ملڪن گڏيل مفاد جي شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون، اسان سوچ هڪ، گڏيل ۽ گهڻ رخي سمورن معاملن تي ٻنهي ملڪن جو موقف هڪ جهڙو رهيو آهي، ڪاراباخ جي تڪرار تي پاڪستان سدائين آذربائيجان سان گڏ بيٺل رهيو، ان مسئلي تي آذربائيجان جي فتح انصاف ۽ فيئر پلي جو هڪ مثال آهي، آذربائيجان ڪشمير تڪرار تي سدائين پاڪستان جي حمايت ڪئي جتي لکين ڪشميري گذريل 7 ڏهاڪن کان گڏيل قومن پاران تسليم ٿيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن، ترڪيه وانگر آذربائيجان پڻ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ کان 7 سال اڳ جڏهن آذربائيجان جي صدر پاڪستان جو دورو ڪيو ته ان وقت نواز شريف وزيراعظم هو ۽ اڄ 7 سالن کانپوءِ سندس پاڪستان جي دوري جي موقعي تي آئون بطور وزيراعظم سندس استقبال ڪري رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار جي فروغ، گڏيل تعاون ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ صحيحون ٿيون. هن چيو ته 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه جي شروعات ٿي آهي جنهن تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه جمعي ڏينهن ٿيندي ۽ اميد آهي ته نومبر ۾ منهنجي آذربائيجان جي دوري جي موقعي تي انهن معاهدن تي صحيحون ٿينديون. هن چيو ته آذربائيجان جي گذريل دوري جي موقعي تي آذربائيجان پاران ڀرپور ميزباني ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ اربين ڊالر جي ايندڙ سالن ۾ سيڙپڪاري جو امڪان آهي. وزيراعظم چيو ته باڪو ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 29 هڪ اهم عالمي سرگرمي آهي جيڪا پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته آذربائيجان جي صدر جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جون نيون راهون کلنديون، اسلام آباد کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ جو منصوبو آذربائيجان جي هڪ ماهر تيار ڪيو آهي جنهن تي اسان ان کي ساراهيون ٿا، گهرو وزير ۽ سي ڊي اي چيئرمين ان موقعي مان فائدو کڻي اسلام آباد وڌيڪ خوبصورت شهر بڻائين. ان موقعي تي ڳالهائيندي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو ته پاڪستان جي دوري تي گهرائڻ تي هو وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪري ٿو، 7 سال اڳ جڏهن مون پاڪستنا جو دورو ڪيو ته ان وقت هتي نواز شريف جي حڪومت هئي، هو نواز شريف جو دل سان احترام ڪري ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچارو اسان جي عوام جي امنگن جو ترجمان آهي، آذربائيجان باڪو کان اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور جون سڌوسنئون اڏامون شروع ڪيون آهن، آذربائيجان ڪشمير مسئلي سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هر فورم تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي جيڪو پاڪستان جي عوام سان اسان جي محبت جو اظهار آهي، اهم معاملن تي ٻنهي ملڪن جو موقف هڪ جهڙو آهي. هن چيو ته اسان عالمي قانونن جو احترام ڪريون ٿا، ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد نه پيو ڪيو وڃي جيڪو افسوسناڪ آهي، ان حوالي سان ڪو مڪينزم ٺاهڻ گهرجي. هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته ڪشميرين کي انصاف ملندو. آذربائيجان جي صدر چيو ته ڪاراباخ جنگ دوران پاڪستان آذربائيجان جي حمايت ڪئي، پاڪستان قابض ملڪ هجڻ جي ڪري آرمينيا سان سفارتي لاڳاپا قائم نه ڪيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه اسان جا ڀاءُ آهن، اسان اڄ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، سياحت، توانائي، انفراسٽرڪچر، ڪنيڪٽيويٽي ۽ دفاعي صنعت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ڪيل معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي عمل ڪندي گڏيل واپار کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر الهام عليوف چيو ته گڏيل مفاد جي مختلف شعبن ۾ ٻئي ملڪ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا، دفاعي صنعت جي شعبي ۾ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ترجيحي واپار جي معاهدي سان گڏيل واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ٿيندو، اسان اسلام آباد کي دنيا جو خوبصورت شهر بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور تعاون فراهم ڪنداسين.