اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جو گهربل علاج سرڪاري اسپتال ۾ دستياب نه هئڻ تي حڪومت شفا انٽرنيشنل يا بهتر طبي مرڪز ۾ علاج جي پابند هوندي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر طرفان اعتراض واري نُڪتي تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ باني کي ضروري …
پي ٽي آءِ باني جو گهربل علاج سرڪاري اسپتال ۾ دستياب نه هئڻ تي حڪومت شفا انٽرنيشنل يا بهتر طبي مرڪز ۾ علاج جي پابند هوندي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جو گهربل علاج سرڪاري اسپتال ۾ دستياب نه هئڻ تي حڪومت شفا انٽرنيشنل يا بهتر طبي مرڪز ۾ علاج جي پابند هوندي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر طرفان اعتراض واري نُڪتي تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ باني کي ضروري طبي علاج جي فراهمي جي مخالفت يا ان ۾ رنڊڪ وجهڻ جو ڪو اِرادو نٿي رکي، حڪومت پهرين ئي واضح ڪري چڪي آهي ته ان معاملي ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪيو ويندو. هن چيو ته موجوده قاعدن تحت سزا ماڻيندڙ قيدين کي سرڪاري اسپتالن ۾ طبي علاج فراهم ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ان انتظامن جي حدن بابت قانوني معاملو سپريم ڪورٽ ۾ وضاحت لاءِ ٻُڌڻيءَ هيٺ آهي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اهو قرار ڏئي ٿي ته گهربل علاج موجوده طريقيڪار سان ٻاهر فراهم ڪري سگهجي ٿو ته حڪومت عدالتي فيصلي تي عمل ڪندي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جو گهربل علاج سرڪاري اسپتال ۾ دستياب نه هئڻ تي حڪومت شفا انٽرنيشنل يا ان کان بهتر طبي مرڪز ۾ علاج جو انتظام ڪندي. ڊاڪٽر ياسمين راشد جي صحت بابت خدشن تي وفاقي وزير چيو ته حڪومت سندس صحت جي صورتحال تي ڳڻتي رکي ٿي ۽ پنجاب حڪومت ۽ جيل انتظاميه سان ٻيهر معاملو اُٿاريو ويندو. هن خاطري ڪرائي ته جيل قاعدن تحت دستياب سموريون طبي سهولتون کيس فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته ڊاڪٽر ياسمين راشد کي ماضيءَ ۾ اسپتال مان علاج سميت ٻيون طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، لاڳاپيل عملدارن سان تازي صورتحال حاصل ڪرڻ کان پوءِ مخالف ڌر کي اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو ويندو. 9 مئي جي واقعن جو حوالو ڏيندي وفاقي وزير چيو ته اهو پاڪستان جي تاريخ جي ڪارن ڏينهن مان هڪ هو، جنهن دوران حساس ٺڪاڻن، پوليس ۽ قومي ملڪيتن کي نشانو بڻايو ويو جن ۾ لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملو پڻ شامل آهي. هن چيو ته انهن واقعن بابت وڊيوز ۽ـ ٻيون شاهديون موجود آهن ۽ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته جن ماڻهن جو واقعن سان ڪو تعلق نه هو انهن کي سزا نه ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته عدالتن طرفان ملوث ماڻهن خلاف ثابتيون ظاهر ٿيڻ تي کين سزائون ڏنيون ويون آهن.









