اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته حڪومت گذريل اڍائي سالن دوران معاشي استحڪام کي حاصل ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته ڪاروباري ماحول کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ پاليسين ۾ تسلسل برقرار رکڻ لاءِ قدم جاري آهن. خميس ڏينهن سينيٽ ۾ لکت وارن سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته موجوده حڪومت …
حڪومت گذريل اڍائي سالن دوران معاشي استحڪام کي حاصل ڪرڻ لاءِ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي: بلال اظهر ڪياني

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته حڪومت گذريل اڍائي سالن دوران معاشي استحڪام کي حاصل ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته ڪاروباري ماحول کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ پاليسين ۾ تسلسل برقرار رکڻ لاءِ قدم جاري آهن. خميس ڏينهن سينيٽ ۾ لکت وارن سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته موجوده حڪومت ڪاروباري طبقي ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. هن ٻُڌايو ته سال 2026ع جي انگن اکرن کي به اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي جنهن موجب 21 پرڏيهي ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون آهن جڏهن ته مقامي ڪمپنين ۽ مقامي صارفين جي رجسٽريشن جو انگ 42505 آهي. هن چيو ته پاڪستان مان ڪجهه ڪمپنين جي وڃڻ کي مجموعي معاشي صورتحال جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته عالمي ڪمپنيون پاڪستان ۾ داخل ٿيون آهن يا پنهنجي سيڙپڪاري ۽ آپريشنز ۾ واڌ ڪري رهيون آهن. انهن ۾ ڊي واءِ ڊي، آرامڪو، واپي، علي بابا گروپ ۽ اي ڊي پورٽس سميت ٻيون ڪمپنيون شامل آهن. بلال اظهر ڪياني چيو ته گوگل به ويجهڙ ئي ۾ پاڪستان ۾ پنهنجي آفيس قائم ڪئي آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته عالمي ڪمپنين سان سهڪار کي آفيس جي قيام تائين محدود نه رکيو وڃي پر ان جي سيڙپڪاري ۽ سرگرمين کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي. هن چيو ته اوڀر بئنڪ ۽ ريڪامي سميت ٻن ڊجيٽل بئنڪن پڻ اسٽيٽ بئنڪ کان لائسنس حاصل ڪيا آهن. هن چيو ته ايف بي آءِ جي انگن اکرن موجب مالي سال 26-2025ع جي پهرين 11 مهينن دوران پرڏيهي سڌيءَ ريت سيڙپڪاري جو نج ڳاڻيٽو 1.6 ارب ڊالر رهيو جڏهن ته سڌيءَ ريت مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاري 3.3 ارب ڊالر رهي. هن چيو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ملڪ کي درپيش سمورا معاشي مسئلا ختم ٿي ويا آهن جڏهن ته گذريل ٻن کان اڍائي سالن دوران معاشي استحڪام لاءِ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي جنهن جو اعتراف عالمي ادارا ۽ عالمي ريٽنگ ايجنسيون به ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ٽنهي عالمي ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ڪئي آهي جڏهن ته مالياتي ۽ بنيادي بجيٽ جي توازن، ملڪي مٽاسٽا جي ناڻيءَ جا ذخيرا ۽ ٻين معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته معاشي استحڪام کان پوءِ حڪومت بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي ۽ ڪاروباري شعبي لاءِ رليف وارا قدم متعارف ڪرايا، جن ۾ سپر ٽيڪس ۾ گهٽتائي ۽ ڪجهه شعبن لاءِ ان جي خاتمي سميت آءِ ٽي روانگي واپار لاءِ حتمي ٽيڪس نظام کي جاري رکڻ جا قدم شامل آهن. نيشنل ٽيرف پاليسيءَ جو مثال ڏيندي هن چيو ته حڪومت گذريل سال 5 ساله پاليسيءَ جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻ ان کي ٻئي سال ۾ به ان کي جاري رکيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ملڪي ۽ـ پرڏيهي ڪاروباري طبقن، چيمبرز ۽ ڪاروباري گروپس سان مسلسل صلاح مشورا ڪري رهي آهي ۽ مستقبل ۾ به ان عمل کي جاري رکيو ويندو. ضمني سوالن جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ڪاروباري طبقي کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين کي به لاڳاپيل معاملن تي باقاعدگيءَ سان بريف ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس چوري ۽ اسمگلنگ خلاف به نمايان قدم کنيا آهن. وزيراعظم جي حڪومت ۾ ٽيڪس وصولي ۽ لاڳو ڪرڻ جي شعبي ۾ وڏي پيماني تي قدم کنيا آهن جن جو اعتراف آءِ ايم ايف به ڪيو آهي. هن چيو ته ڪسٽمز ۾ سڌارن ذريعي آمدني واپار ڪندڙن ۽ اپريزرز وچ ۾ امڪاني ڳٺجوڙ جو رستو ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسمگلنگ خلاف به ڪارروايون جاري آهن. بلال اظهر ڪياني واضح ڪيو ته ٽيڪس چوري ۽ اسمگلنگ مڪمل طور تي ختم ناهي ٿي جڏهن ته حڪومت ان جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن سينيٽرن کي اپيل ڪئي ته جتي ڪٿي ٽيڪس چوري يا اسمگلنگ جي حوالي خان خاص ڄاڻ موجود هجي، حڪومت کي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن لاڳاپيل ادارا ڪارروائي ڪري سگهن. هن چيو ته حڪومت کي هڪ طرف ٽيڪس چوري ۽ ٽيڪس فراڊ روڪڻ ۽ ٽيڪس قانونن تي عملدرآمد يقيني بنائڻ جي ضرورت آهي ته ٻي طرف ڪاروباري ماحول کي به سازگار رکڻو آهي ته جيئن ڪاروباري ماڻهن کي غير ضروري هراساني کي مُنهن ڏيڻو نه پوي. حڪومت ان ئي توازن کي برقرار رکندي معاشي سرگرمين ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم جاري رکندي.









