اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي اعليٰ تعليمي شعبي کي مضبوط بنائڻ ۽ يونيورسٽين کي تحقيق، جدت، ڪاروباري سرگرمين ۽ علمي معيار جي مرڪزن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ مؤثر قيادت، بهتر طرزِ حڪمراني ۽ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي نيشنل اڪيڊمي فار هائر ايجوڪيشن جي انتظام هيٺ هڪ رٿيل تقريب کي خاص مهمان …
پاڪستان جي اعليٰ تعليمي شعبي کي مضبوط بنائڻ ۽ يونيورسٽين کي تحقيق ۽ علمي معيار جي مرڪزن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي اعليٰ تعليمي شعبي کي مضبوط بنائڻ ۽ يونيورسٽين کي تحقيق، جدت، ڪاروباري سرگرمين ۽ علمي معيار جي مرڪزن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ مؤثر قيادت، بهتر طرزِ حڪمراني ۽ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي نيشنل اڪيڊمي فار هائر ايجوڪيشن جي انتظام هيٺ هڪ رٿيل تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اڄ يونيورسٽين جون ذميداريون فقط علم جي فراهمي تائين محدود ناهن رهيون پر انهن نوجوانن ۾ تنقيدي سوچ، تخليقي صلاحيت، اخلاقي قدر، قيادت جي اهليت ۽ بدلجندڙ دنيا جي گهرجن کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن خاص ڪري نيشنل اڪيڊمي فار هائر ايجوڪيشن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان، ڪي پي ڪي ۽ راولپنڊي خطي مان وائيس چانسلرز ۽ پرووائيس چانسلرز کي هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙا پروگرام يونيورسٽين جي قيادت کي تجربن جي مٽاسٽا، طرزِ حڪمراني بهتر بنائڻ ۽ مؤثر اداره جاتي حڪمت عملي واضح ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿيون. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته حڪمت عملي جي رٿابندي فقط انتظامي عمل ناهي پر اداره جاتي ترقي ۽ اعليٰ معيار کي حاصل ڪرڻ لاءِ بنيادي ضرورت آهي، مضبوط يونيورسٽين لاءِ واضح ويزن، شفاف طرزِ حڪمراني، وسيلن جي ذميداراڻي استعمال ۽ جدت، تحقيق ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ وارو ماحول ضروري آهي. هن پروگرام ۾ عورتن جي يونيورسٽين ۾ شرڪت کي پڻ ساراهيندي چيو ته اعليٰ تعليم ذريعي عورتن کي بااختيار بنائڻ قومي ترقيءَ لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي، عورتن جي تعليم ۽ قيادت ۾ سيڙپڪاريءَ سان خاندان، معاشرو، ادارو ۽ معيشت مضبوط ٿئي ٿي. هن چيو ته تعليم قومي يڪجهتي ۽ پائيدار ترقيءَ جي مضبوط ٿنڀن مان هڪ ٿنڀ آهي ۽ پاڪستان جي سمورن علائقن جون يونيورسٽيون سماجي هم آهنگي، جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ ۽ ملڪي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. سيد يوسف رضا گيلاني هائر ايجوڪيشن ڪميشن طرفان اداره جاتي قيادت ۽ حڪمت عملي جي سگهه وڌائڻ جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته اهڙا پروگرام يونيورسٽين جي سربراهن کي عالمي اڳڀرائي ۽ قومي ترجيحن موجب مؤثر حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مدد ڏين ٿا. هن وائيس چانسلرز ۽ پرووائيس چانسلرن تي زور ڀريو ته اهي پنهنجن ادارن ۾ اعليٰ معيار، گڏيل سهڪار، شموليت ۽ جدت جي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ، تحقيق جي حوصله افزائي ڪن، ڪاروباري سرگرمين جي معاونت ڪن ۽ شاگردن کي ذميدار شهري ۽ مستقبل جو اڳواڻ بڻجڻ لاءِ تيار ڪن. سينيٽ چيئرمين شرڪت ڪندڙن ۽ انتظام سنڀاليندڙن کي واڌايون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته پروگرام ٿيل ڳالهين ۽ تجربن جي مٽاسٽا پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.









