سينيٽ ۾ ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (ترميمي) بل 2026ع منظور

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ 27هين آئيني ترميم جي نتيجي ۾ دفاعي ڪمان جي نظام ۾ ٿيل آئيني ۽ انتظامي تبديلين کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (ترميمي) بل 2026ع منظور ڪري ورتو. خميس ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ڊفينس فورسز ايڪٽ 2010ع ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ايڪٽ 2010ع ۾ ترميمن تي ٻَڌل بل ايوان …

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ 27هين آئيني ترميم جي نتيجي ۾ دفاعي ڪمان جي نظام ۾ ٿيل آئيني ۽ انتظامي تبديلين کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (ترميمي) بل 2026ع منظور ڪري ورتو. خميس ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ڊفينس فورسز ايڪٽ 2010ع ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ايڪٽ 2010ع ۾ ترميمن تي ٻَڌل بل ايوان ۾ پيش ڪيو جن جي شق وار منظوري ڏني وئي. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ايوان کي ٻُڌايو ته ڄاڻايل ترميمون 27هين آئيني ترميم جي نتيجي ۾ دفاعي ڪمان جي ڍانچي ۾ ٿيل تبديلين جي روشنيءَ ۾ اڻٽر هيون. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم کان پوءِ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽيءَ جو عهدو ختم ٿي چڪو آهي، ان لاءِ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ايڪش ۾ ان عهدي بابت حوالا ختم ڪرڻ ضروري هئا. قانون واري وزير چيو ته نئين آئيني ترميم تحت چيف آف آرمي اسٽاف هڪ ئي وقت چيف آف ڊفينس فورسز جي عهدي تي به فائز هوندو. ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع ذريعي چيف آف ڊفينس فورسز ۽ ان جي هيڊ ڪوارٽرز جي قيام، انتظامي معاملن ۽ اختيارن لاءِ قانوني بنياد فراهم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته نئين قانوني فريم ورڪ جو مقصد پاڪستان آرمي، پاڪستاني نيوي ۽ پاڪستان ايئرفورس وچ ۾ هم آهنگي ۽ رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي جڏهن ته ٽنهي سروسز جون لاڳاپيل آپريشنل ذميداريون برقرا رهنديون. اعظم نذير تارڙ چيو ته 8، 9 ۽ 10 مئي تي حق جي ويڙهه دوران ٽنهي هٿياربند فوجن جنهن گڏيل هم آهنگي ۽ سهڪار جو مظاهرو ڪيو، قانونسازي ذريعي ان ئي تعاون کي مستقل اداره جاتي نظام ۾ اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته نيشنل ايڪٽ 2010ع ۾ ترميمون به 27هين آئيني ترميم کان پوءِ اعليٰ دفاعي ڪمان جي تبديل ٿيل ڍانچي سان هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري هيون. قومي اسيمبلي به انهن قانونن کي نئين آئيني ڍانچي سان هم آهنگي ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل بل منظور ڪري چڪي آهي.

مزید خبریں