اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان اسان جا لکين شهري جن ۾ ٻار، سياسي اڳواڻ، هٿياربند فوج جا اهلڪار، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار، امدادي ڪارڪن ۽ سرڪاري ملازم پنهنجون جانيون وڃائي چڪا آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان وٺي آرمي پبلڪ …
پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام وڏي قيمت ادا ڪئي آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان اسان جا لکين شهري جن ۾ ٻار، سياسي اڳواڻ، هٿياربند فوج جا اهلڪار، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار، امدادي ڪارڪن ۽ سرڪاري ملازم پنهنجون جانيون وڃائي چڪا آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان وٺي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي معصوم ٻارن ۽ استادن سميت دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ بيشمار پاڪستانين تائين دهشتگردي جا اهڙا زخم ڏنا آهن جيڪي اسان جي قومي يادداشت جو حصو بڻجي چڪا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۽ خراج عقيدت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي علامي ڏينهن جي موقعي تي اسان دهشتگردي جي هٿان پنهنجون حياتيون وڃائيندڙ سمورن ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ بچي ويندڙ متاثرين، انهن جي خاندانن ۽ انهن برادرين سان گهري يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جن جون زندگيون تشدد جي ڪري سدائين جي لاءِ بدلجي ويون. صدر چيو ته اڄ به اسان جا شهري ۽ سيڪيورٽي اهلڪار خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ قربانيون ڏئي رهيا آهن، اسان انهن جي بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ دهشتگردي جي هٿيارن پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ هر خاندان سان گڏ بيٺل آهيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪو مذهب، عقيدو، نظريو، شڪايت، مقصد يا سياسي مفاد ڪڏهن به بيگناهه انسانن جي قتل جو جواز نه ٿو بڻجي سگهي، دهشتگردي جي سمورين قسمن ۽ شڪلن جي بنا ڪنهن فرق جي مذمت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي برادري کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته ڪنهن به ملڪ جي سرزمين کي دهشتگردي جي ڪاررواين جي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به دهشتگرد تنظيم کي پناهه، مالي مدد، هٿيار، لاجسٽڪ مدد يا ڪنهن به قسم جي ٻاهرئين مدد فراهم نه ٿئي، انهي سان گڏ هن ڏينهن جي ياد کي ذميواري ۽ بحالي جو ذريعو به بڻجڻ گهرجي. صدر چيو ته متاثرين ۽ دهشتگردي کان بچي ويندڙ ماڻهو اڪثر سالن تائين جسماني زخمن، نفسياتي صدمي، روزگار جي نقصان، تعليم ۾ رڪاوٽ ۽ سماجي اڪيلائپ کي منهن ڏين ٿا، انهن جي تڪليفن جو ازالو رڳو فوري امداد يا هڪ ڀيري جي مالي مدد سان نه ٿو ڪري سگهجي. اهي همدرديءَ، طبي ۽ نفسياتي مدد، تعليم، بحالي، قانوني مدد ۽ روزگار جي اهڙي موقعن جا مستحق آهن جيڪي انهن کي وقار سان پنهنجي زندگي ٻيهر تعمير ڪرڻ جا قابل بڻائين. هن چيو ته پاڪستان متاثرين جي لاءِ هڪ ٺوس معاونتي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي، هلندڙ سال متاثرين جي قيادت ۾ ڊيجيٽل قدمن تي ڌيان ڏنو ويو آهي، تنهن ڪري اسان کي ٽيڪنالاجي جو ذميواراڻو استعمال ڪندي معلومات، امداد ۽ بحالي جي خدمتن کي متاثرين ۽ انهن جي خاندانن جي لاءِ پهچ جوڳو بڻائڻ گهرجي. صدر چيو ته دهشتگردي جي متاثرين جي مدد خيرات نه پر انصاف، انساني وقار ۽ قومي ذميواري جو معاملو آهي. حڪومتي ادارن، صحت ۽ تعليمي ادارن، سول سوسائٽي، نجي شعبي، ميڊيا ۽ ترقياتي حصيدارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن متاثرين ۽ انهن جي خاندانن کي مستقل ۽ مسلسل مدد فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف اسان جي جدوجهد ۾ ان انتهاپسندي، عدم برداشت ۽ نفرت جو مقابلو به شامل هجڻ گهرجي جيڪو تشدد کي پاڙ کان پڪڙڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. اسان کي انهن سماجي، نسلي ۽ مذهبي فرقن جو به تدارڪ ڪرڻو پوندو جن کي انتهاپسند نفرت ۽ ورڇ ڦهلائڻ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. صدر چيو ته جڏهن عدم برداشت کي وڌڻ ڏنو وڃي ٿو ته اها شدت پسندي، پرتشدد انتهاپسندي ۽ آخرڪار دهشتگردي جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته دهشتگردي کي رڳو سيڪيورٽي قدمن جي ذريعي شڪست نه ٿي ڏئي سگهجي، اسان کي اهڙو معاشرو جوڙڻو پوندو جتي اسان جي نوجوانن کي انتهاپسندي طرف مائل ٿيڻ کان محفوظ رکيو وڃي ۽ جتي نسلي، مذهبي، مسلڪي ۽ سياسي اختلافن کي ڪڏهن به تشدد جو جواز بڻجڻ نه ڏنو وڃي، ڪنهن ٻار کي دهشتگردي سان پيدا ڪيل خوف، صدمو يا نفرت وراثت ۾ نه ملڻ گهرجي. هن چيو ته دهشتگردن پاڪستان جي مختلف صوبن، برادرين، مذهبن ۽ ادارن سان تعلق رکندڙ شهرين کي نشانو بڻايو آهي پر اهي اسان جي قومي عزم کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، اسان جي عوام جون قربانيون ڪنهن هڪ صوبي، نسل، مسلڪ يا اداري سان تعلق نه ٿيون رکن. اهي پاڪستان جي لاءِ مجموعي طور تي ڏنيون ويندڙ قربانيون آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته ان سنجيده موقعي تي اچو، پنهنجي انهن پيارن کي ياد ڪريون جن کي اسان وڃائي ڇڏيو، انهن ماڻهن سان گڏ بيهون جيڪي اڄ به دهشتگردي جا اثر برداشت ڪري رهيا آهن ۽ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۽ هڪ پرامن، همدرد ۽ مضبوط پاڪستان جي تعمير جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪن. هن دعا ڪئي ته الله تعالى مرحومن جي مغفرت فرمائي، انهن جي گهرڀاتين کي صبر ۽ حوصلو ڏي ۽ پاڪستان کي پائيدار امن،استحڪام، خوشحالي ۽ قومي يڪجهتي عطا ڪري.










