اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردي جي متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي سڄي دنيا جي انسانن کي درپيش سڀ کان سنگين مسئلو آهي، دهشتگردي جي واقعن ۾ سمورن مارجي ويل ماڻهن، شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا، دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي …
وزيراعظم پاران دهشتگردي جي متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ ڀرپور عزم جو ورجاءُ، دهشتگردي جي واقعن ۾ مارجي ويل ماڻهن، شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا: محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردي جي متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي سڄي دنيا جي انسانن کي درپيش سڀ کان سنگين مسئلو آهي، دهشتگردي جي واقعن ۾ سمورن مارجي ويل ماڻهن، شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا، دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي قرباني رڳو قيمتي جانين تائين محدود نه آهي پر اسان ان جي وڏي معاشي ۽ سماجي قيمت به ادا ڪئي آهي، دهشتگردي اسان جي شهرين جي معاشي سُڪون ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي سفر کي مسئلن ۾ مبتلا ڪيو آهي، عالمي برادري پاران دهشتگردي جي بنا مشروط مذمت ۽ ان جي مڪمل خاتمي جي لاءِ موثر گڏيل تعاون لازمي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۽ عقيدت جي اظهار جي عالمي ڏينهن تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ دنيا سان هڪ آواز ٿي دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۾ مخصوص ڏينهن تي سمورن متاثرين سان ڀرپور انداز ۾ پُرخلوص يڪجهتي جو اظهار ۽ خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. هن چيو ته دهشتگردي سڄي دنيا جي انسانن کي درپيش سڀ کان سنگين مسئلو آهي، انسانيت کان عاري عمل ئي معصوم انسانن جي حياتين سان پنهنجي ڪڌي مقصدن جي لاءِ کيڏي سگهن ٿا، دهشتگردي جي متاثرين ۾ مارجي ويلن جا پونئير ۽ سڄي عمر جي لاءِ زخمي ٿيندڙ ماڻهو به اسان جي همدرديءَ جي جذبي جا مستحق آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي متاثرين مان آهي، نه رڳو اسان جي بهادر فوج ان لعنت جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي پر اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن ۽ اسان جي معصوم شهرين پڻ جانيون قربان ڪيون آهن، اسان دهشتگردي جي واقعن ۾ سمورن مارجي ويل ماڻهن، شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي قرباني رڳو قيمتي جانين تائين محدود نه آهي پر اسان ان جي وڏي معاشي ۽ سماجي قيمت به ادا ڪئي آهي، دهشتگردي اسان جي شهرين جي معاشي سُڪون ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي سفر کي مسئلن ۾ مبتلا ڪيو آهي، پنهنجي ڀرپور قومي عزم سان پاڪستان ان بُرائي جي مڪمل خاتمي تائين ان جدوجهد کي جاري رکندو. هن چيو ته عالمي دنيا ۾ ڪا قوم، تهذيب، مذهب ۽ عقيدو، دهشتگردي جي ترغيب نه ٿو ڏي، دهشتگردي جون ڪارروايون بيمار ذهن جي عڪاس آهن ۽ غيرانساني نظريي جي مظهر آهن، عالمي برادري پاران دهشتگردي جي بنا مشروط مذمت ۽ ان جي مڪمل خاتمي جي لاءِ موثر گڏيل تعاون لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي متاثرين جي جسماني، نفسياتي ۽ سماجي بحالي به اسان جي گڏيل ذميوارين ۾ شامل آهي، قومي سطح تي پاڪستان حڪومت سدائين پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود دهشتگردي جي متاثرين ۽ انهن کي منهن ڏيندڙ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي ڀلائي ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکيو آهي. پاڪستان ۾ سرڪاري سطح تي شهيدن، انهن جي پونئيرن ۽ متاثرين جي لاءِ هڪ ٺوس معاونتي نظام موجود آهي، سمورن متاثرين کي آساني سان علاج ۽ بحالي ۽ شهري سهولتن جي فوري پهچ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن آئون عالمي، قومي، اجتماعي ۽ انفرادي سطح تي سمورن لاڳاپيل ادارن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي مثبت انساني قدرن ۽ عالمي قانونن جي بالادستي کي عملي طور تي تسليم ڪندي دهشتگردي، تخريبڪاري ۽ منفي رجحانن جي خلاف پنهنجو آواز اٿارين. اي










