دهشتگردي انسانيت خلاف سنگين ڏوهه ۽ عالمي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ وڏو خطرو آهي، دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو: سردار اياز صادق

اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته دهشتگردي انسانيت خلاف سنگين ڏوهه ۽ عالمي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ وڏو خطرو آهي، دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ شهادت ماڻيندڙ معصوم شهرين، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادر اهلڪارن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. اهڙو اظهار هن دهشتگرديءَ جي متاثرن کي ياد ڪرڻ ۽ کين خراجِ عقيدت پيش …

اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته دهشتگردي انسانيت خلاف سنگين ڏوهه ۽ عالمي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ وڏو خطرو آهي، دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ شهادت ماڻيندڙ معصوم شهرين، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادر اهلڪارن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. اهڙو اظهار هن دهشتگرديءَ جي متاثرن کي ياد ڪرڻ ۽ کين خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال 21 آگسٽ تي ملهايو ويندو آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگرديءَ جي ناسور خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ ان جنگ ۾ پوري قوم بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ شهادت ماڻيندڙ اسان جي بهادر جوانن ۽ معصوم شهرين جون قربانيون قومي تاريخ جو روشن باب آهن. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون ۽ قوم پنهنجن شهيدن ۽ انهن جي پونئيرن کي هميشه قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگرديءَ خلاف فرنٽ لائن تي بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي ۽ ملڪ جي دفاع، امن ۽ سلامتيءَ لاءِ سندن قربانيون پوري قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن. سردار اياز صادق چيو ته ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندتان پاڪستان جي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جا ناپاڪ اِرادا رکن ٿا. هن چيو ته دهشتگردن ڌُريون معصوم شهرين کي نشانو بڻائي ملڪ ۾ خوف ۽ هراس ڦهلائڻ ۽ پاڪستان جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، جڏهن ته هو پنهنجن ناپاڪ اِرادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. هن چيو ته دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف بنا فرق جي ڪارروايون جاري رهنديون ۽ ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائيندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين اها جدوجهد جاري رهندو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پوري قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز متحد ٿي دهشتگرديءَ جي ناسور جو خاتمو ڪندي ۽ پاڪستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ سلامتيءَ کي يقيني بڻايو ويندو. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسيپڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته دهشتگردي جي متاثرن کي ياد ڪرڻ جو عالمي ڏينهن اسان کي انهن معصوم شهرين ۽ بهادر سيڪيورٽي اهلڪارن جي قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو جن ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪيو. هن چيو ته دهشتگرديءَ سان متاثر ڪٽنبن جي ڏُک ۽ سندن قربانيون وِسارڻ جوڳيون ناهن. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي قوم دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ غير معمولي عزم، حوصلي ۽ استقامت جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته پوري قوم دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. هن چيو ته قومي اتحاد، يڪجهتي ۽ گڏيل عزم ذريعي دهشتگرديءَ جي ناسُور جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.

مزید خبریں