پاڪستان ۾ ڪنهن به چينل جا اشتهار بند ناهن ڪيا ويا، غيرملڪي فلمن سان مقامي فلم انڊسٽير متاثر نه ٿيڻ گهرجي، ڊيجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي جي معاملي تي مشاورت جاري آهي، سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پابندي نگران دور ۾ لڳي، اسان صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم بحال ڪئي آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به چينل جا اشتهار بند ناهن ڪيا ويا، غيرملڪي فلمن سان مقامي فلم انڊسٽير متاثر نه ٿيڻ گهرجي، ڊيجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي جي معاملي تي مشاورت جاري آهي، سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پابندي نگران دور ۾ لڳي، اسان صحافين جي …

اسلام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به چينل جا اشتهار بند ناهن ڪيا ويا، غيرملڪي فلمن سان مقامي فلم انڊسٽير متاثر نه ٿيڻ گهرجي، ڊيجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي جي معاملي تي مشاورت جاري آهي، سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پابندي نگران دور ۾ لڳي، اسان صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم بحال ڪئي. اها ڳالهه هن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽر سيد علي ظفر جي صدارت ۾ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪئي. اجلاس ۾ سينيٽر خالده عطيب ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي نالن جي نيشنل پاليسي بورڊ ۾ ميمبر طور منظوري ڏني وئي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن جي ڪم جي طريقيڪار، ذميوارين سان لاڳاپيل معاملن ۽ فائر وال جي حوالي سان لاڳاپيل معاملن تي بريفنگ ورتي وئي. اجلاس جي شروع ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيٽر سيد علي ظفر کي سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اسان جمهوري روايتن جا امين آهيون، اطلاعات واري وزارت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، اسان ڪميٽي سان گڏجي ڪم ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي قائدين اسان کي سيکاريو آهي ته سياسي مخالف زخمي هجي ته ان جي گهر وڃي ان جي طبيعت معلوم ڪجي، سياسي مخالف جي خاطر پنهنجي اليڪشن مهم کي معطل تائين ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته سياسي مخالفت سياسي دشمني ناهي هوندي، سياسي مخالفن سان پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته سياست جي اندر هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ کي فروغ ملڻ گهرجي، ماضي ۾ اسان ان تي عمل پيرا ٿياسين. اسان جي قائد نواز شريف سدائين پارليامينٽ جي بالادستي کي ترجيح ڏني، ان جي حڪومت جي دور ۾ پرڏيهي پاليسي جي اهم ۽ سنجيده معاملن تي پهريون ڀيرو ايوان ۾ ووٽنگ سان فيصلو ٿيو. وفاقي وزير چيو ته اظهار راءِ جي آزادي جي حوالي سان 2017ع ۾ اطلاعات تائين پهچ جي قانون جو ڪريڊٽ پڻ سمورن پارليامينٽرين ڏانهن وڃي ٿو، اهو قدم ان وقت جي حڪومت نواز شريف جي قيادت ۾ کنيو هو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسان ماضي مان سکيو آهي، اهو وقت جي وهڪرو آهي ته ڪالهه اسان اپوزيشن بئنچن تي هئاسين ۽ اڄ حڪومت ۾ آهيون، سڀاڻي ڪير اقتدار ۾ هوندو اهو ڪير به نٿو ڄاڻي، اسان پنهنجي عمل سان سڃاتا وينداسين ۽ تاريخ به اسان کي انهي ڏس ۾ جانچندي. هن چيو ته ملڪي مفادن جي لاءِ قدمن بابت توهان اسان کي توهان کان سدائين هڪ قدم اڳتي ڏسندا. ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي رهتن جي ادائيگي جي حوالي سان ڪميٽي کي آگاهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان نيوز انڊسٽري جي 1.6 ارب رپين جون رهتون ادا ڪيون آهن. هن چيو ته بجيٽ ۾ نيوز پرنٽ تي ڪو ٽيڪس لڳڻ نه ڏنو، وزارت ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته رپورٽرز ۽ عملي کي پگهارن ۾ اضافو ڏنو وڃي، انهن سمورن قدمن جا فائدا ميڊيا هائوسز ۽ اخبارن جي ملازمن کي ملڻ گهرجن ۽ انهن جون رهتون ادا ٿيڻ گهرجن. صهافين ۽ ميڊيا ورڪرز جو استحصال ٿيڻ نه گهرجي. ان موقعي تي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ صحافتي تنظيمن جي نمائندن کي گهرائي پڇيو وڃي ته اهي فائدا ورڪرز کي ملي رهيا آهن يا نه، جنهن تي اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) لکت ۾ پريس ريليز ۾ ان جي خاطري ڪرائي آهي، اسان وٽ آءِ ٽي اين اي جو فورم موجود آهي، ان فورم تي جيڪو به وڃي ٿو ان جي ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي، ان فورم جي ذريعي متاثر صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز ۾ رهتن جا ڪيترائي چيڪ ورهايا آهن. هن چيو ته اهي معاملا آءِ ٽي اين اي جي فورم تي وڃڻ بدران ميڊيا هائوسز کي پنهنجي طور تي طئي ڪرڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ته هن وقت ڪنهن به پرائيويٽ ٽي وي چينل جا اشتهار بند ناهن ڪيا ويا، سڀني کي انهن جي رينڪنگ موجب اشتهار ملي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ 2 هزار اخبارون آهن، انهن ٻن هزار مان ٻه سئو اخبارون اي پي اين ايس جو ميمبر آهن، ڊمي اخبارن جي حوالي سان اي پي اين ايس کي چيو آهي ته ويهي حڪمت عملي ٺاهين. اسٽينڊنگ ڪميٽي انهن اخبارن جا تفصيل ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتا. سينيٽر عرفان الحق صديقي چيو ته اي بي سي جي نظام ۾ شفافيت آڻڻ گهرجي ۽ سڌارن جي تمام گهڻي ضرورت آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان حڪومت جو پنهنجو ڊيجيٽل پليٽ فارم هجڻ گهرجي جنهن جي لاءِ پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته سينٽر فار ڊيجيٽل ڪميونيڪشن جي نالي سان ادارو ٺاهي رهيا آهيون. سينيٽر پرويز رشيد عوام جي لاءِ انٽرٽيمنٽ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ فلمن تي پابندي بابت پڇيو جنهن تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي به پنهنجي ٻارن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان وٽ فلمن کي جانچڻ جو معيار انتهائي سخت آهي، ملڪ ۾ انٽرٽينمنٽ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي ان مقصد جي لاءِ فلم انڊسٽري جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته غيرملڪي فلمن سان اسان جي مقامي فلم انڊسٽري متاثر نه ٿيڻ گهرجي، ان ۾ توازن قائم رکڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ فلم فنانس فنڊ قائم ڪيو ويو هو، اسان پاڪستان جي ناليوارن فلمسازن کي درخواست ڪئي ته اهي پنهنجا آئيڊياز کڻي اچن، جتي نيوز، اسپورٽس تي فوڪس ڪيو پيو وڃي اتي فلم سازي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته فلم انڊسٽري جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. ڪميٽي جي چيئرمين صحافين جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ بجيٽ بابت پڇيو جنهن تي اطلاعات واري وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم گذريل حڪومت جي دور ۾ شروع ٿي هئي، اسان ان اسڪيم کي بحال ڪيو آهي، اسان آباد جي صحاين جي هيلٿ انشورنس اسان مڪمل طور تي ڪور ڪنداسين. هن چيو ته هيلٿ انشورنس اسڪيم جي پهرين مرحلي ۾ 5 هزار صحافي ۽ ميڊيا ورڪرز فائدو کڻندا، مجموعي طور تي سڄي ملڪ جي 30 هزار صحافي ۽ ميڊيا ورڪرز ان اسڪيم مان فائدو کڻندا. هن چيو ته سڄي ملڪ جي اٽڪل هڪ هزار اسپتالن ۾ ميڊيا ورڪرز کي معياري علاج جي سهولت ملندي. اسٽينڊنگ ڪميٽي لکت ۾ سمورا تفصيل طلب ڪري ورتا. ڊيجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڊيجيٽل ڊومين جي اندر ٿيندڙ ڏوهن جو تدارڪ ضروري آهي، هن وقت ڊيپ فيڪ وڊيو جهڙن معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪو مڪينزم موجود نه آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي جي تجويز آئي هئي، ڪابينا ۾ جڏهن اهو معاملو آيو ته وزيراعظم جو خيال هو ته ان تي ڪابينا ڪميٽي جوڙي وڃي، ان ڪميٽي جو مينڊيٽ آهي ته اها سمورين صحافتي تنظيمن، پارليامينٽرينز، سياسي پارٽين سان مشاورت ڪري. هن چيو ته ڪميٽي راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ قائم آهي جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير سميت هو پاڻ به ان ڪميٽي جو ميمبر آهي. هن چيو ته اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان وسيع بنيادن تي مشاورت جاري آهي. ڪميٽي جي چيئرمين بئريسٽر علي ظفر پاران سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پابندي جي حوالي سان پڇيو ته اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ”ايڪس“ تي پابندي نگران دور ۾ لڳي هئي ڇو ته ان پليٽ فارم تي ”ڪمپلائنس“ جا ايشوز هئا. هن چيو ته پاڪستان ۾ فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ، سنيپ چيٽ، لنڪڊن سميت سمورا پليٽ فارمز فعال آهن، ٽڪ ٽاڪ تي ڪا پابندي نه آهي، هر طرح جو ڪانٽينٽ اتي پوسٽ ٿئي ٿو، عام ماڻهو ان کي ڏسي ٿو. هن چيو ته ايڪس تي پابندي نگران دور ۾ لڳي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گهرو وزارت ان حوالي سان پنهنجو جواب داخل ڪيو آهي، اهو معاملو عدالت ۾ آهي، عدالت ئي ان تي مناسب فيصلو ڪندي. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ڪوشش ڪئي ويندي ته پاڪستان جي آئين تحت سمورن شهرين کي انهن جي بنيادي حقن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، اظهار راءِ جي آزادي هر شهري جو بنيادي حق آهي، وزارت سان گڏجي اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي جنهن تحت عوام کي نه رڳو حقيقتن تي ٻڌل معلومات جي پهچ ميسر هجي پر انهن ادارن سان لاڳاپيل ماڻهن جا مسئلا بهتر طريقي سان حل ٿين. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اظهار راءِ جي آزادي کي متوازن ڪرڻو پوندو، سوشل ميڊيا تي ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي خبرون ڦهلايون وڃن ٿيون، ٻين جي عزت جون ڌڄيون اڏائڻ نه گهرجن، ماڻهن کي گهرجي ته اظهار راءِ جي آزادي کي ذميواري سان استعمال ڪن. ڪميٽي جي ميمبر ڄام محمد چيو ته اظهار راءِ جي آزادي جو خيال رکيو وڃي، اسان کي جعلي ۽ هٿ ٺوڪي خبرن جي تدارڪ جي لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي اسان سڀ هڪ معاشري جي نمائندگي ڪري رهيا آهيون. اسان کي پنهنجو ڪردار وڌيڪ موثر بڻائڻو پوندو ۽ ان فورم کي ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ استعمال ڪرڻو پوندو. ڪميٽي ميمبر سينيٽر پرويز رشيد چيو ته سوشل ميڊيا تي رڳو ڪوڙ ئي نٿو ڳالهايو وڃي پر جيڪا زبان استعمال ڪئي وڃي ٿي اها اسان جي اسلامي ۽ معاشرتي قدرن سان به نٿي ٺهڪي. ارشد شريف ڪيس جي حوالي سان ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ڪينيا رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي ان معاملي کي به ڏسندي، ان ڪيس جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو وڃي جنهن تي اطلاعات واري وزير چيو ته لاڳاپيل وزارت کي اهو معاملو ريفر ڪري ڪميٽي کي بريف ڪرايو ويندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن جي فرضن، ذميوارين ۽ معاملن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ان حوالي سان اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ته قومي معاملن تي پاليسي ٺاهڻ اطلاعات ۽ نشريات واري وارت جو ڪم آهي. هن چيو ته ميڊيا بابت حڪومتي پاليسين ۽ قدمن جا معاملا پڻ ڊيل ڪيا وڃن ٿا. پرنٽ ميڊيا انڊسٽري جي ترقي جي لاءِ سهولتن جي فراهمي، حڪومتي اشتهارن، نيوز پيپر جي آڊٽ سرڪيوليشن، ڊيجيٽل ميڊيا تي حڪومتي معاملن جي پروجيڪشن ۽ پروموشن سميت ٻاهرئين پبلسٽي، براڊ ڪاسٽنگ وغيره کي ڊيل ڪيو وڃي ٿو. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته اداري جي انتظامي، انٽرنل، ايڪسٽرنل ونگ، سينٽر آف ڊيجيٽل ڪميونيڪشن سان گڏ ڊيجيٽل ميڊيا ونگ به آهي. اطلاعات واري وزارت جي ماتحت ادارن ۾ پي آءِ ڊي، پيمرا، اي ڊي سي ۽ سينٽرل بورڊ آف فلمز سينسر شامل آهن. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته انفارميشن سروس اڪيڊمي، پيمرا، آءِ ٽي اين اي، پي سي پي، پي آءِ سي، اين ٽي پي، پي ٽي وي، پي بي سي، اي پي پي سي ۽ ايس آر بي سي جهڙا ادارا به وزارت جي ماتحت ڪم ٿا. ايڪسٽرنل پبلسٽي جي حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ايڪسٽرنل پبلسٽي جي لاءِ 21 ملڪن ۾ 23 پوسٽون آهن. ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ اتان جي ڪلچر، ثقافت ۽ روايتن کي ڏسي ٿو ۽ پاڪستان جي ٻاهر پاڪستان جي پبلسٽي ڪري ٿو. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سيد علي ظفر ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي گذريل ٻن سالن جي ڪارڪردگي ۽ طريقيڪار بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي وي هڪ قومي اثاثو آهي ان جي بهتري ۽ بحالي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي ٽي وي اسپورٽس تي ڪرڪيٽ جا رائيٽس حاصل نه ڪيا ويا هئا هن ڀيري آءِ سي سي کان رائيٽس به ورتا آهن جنهن سان اداري جي آمدني ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي طرف وڃي ان اداري جي لاءِ بهتري آندي ويندي. اسٽينڊنگ ڪميٽي ان اداري جي بهتري جي لاءِ سفارشون فراهم ڪري جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته پي ٽي وي هڪ اهم ادارو آهي ان جي بهتري جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. سينيٽر عبدالشڪور چيو ته اسان کي پنهنجي مذهبي ۽ معاشرتي روايتن جي اندر رهي پروگرام ڏيکارڻ گهرجن. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته پيمرا ترميمي بل تحت ڪجهه رول ٺاهيا هئا، پيمرا عملدار اسٽينڊنگ ڪميٽي کي تفصيلي آگاهه ڪن جنهن تي پيمرا چيئرمين چيو ته رول ٺاهي قانون واري وزارت ڏانهن موڪليا ويا آهن. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سيد علي ظفر چيو ته صحافين جي تحفظ جي حوالي سان هڪ قانون ٺاهيو ويو هو ان جي موجوده صورتحال بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو وڃي. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته صحافين جي تحفظ جو قانوني مسودو انساني حقن واري وزارت کي ڏنو ويو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فائر وال جي حوالي سان لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت چيو ته اهو معاملو ان سان لاڳاپيل نه آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر سرمد علي، عرفان الحق صديقي، محمد طلال بدر، پرويز رشيد، ڄام محمد ۽ عبدالشڪور خان کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اطلاعات واري وزارت جي سيڪريٽري، پيمرا چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں