وفاقي ڪابينا پاران پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جي منظوري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن، رياستن ۽ سرحدي معاملن، صنعت ۽ پيداوار ۽ قومي صحت وارين وزارتن جي غيرضروري ذيلي ادارن کي بند ڪرڻ ۽ ضروري ادارن جي رائيٽ سائيزنگ جي حوالي سان بنيادي معلومات حاصل ڪرڻ جو عمل 12 جولاءِ تائين مڪمل ٿي ويندو، اهڙي طرح 19 جولاءِ کان وفاقي حڪومت جي ٻين وزارتن کان ان نوعيت جي معلومات حاصل ڪري ٻين ادارن کي بند يا ضم ڪرڻ جون سفارشون جوڙيون وينديون: وفاقي ڪابينا کي آگاهي

اسلام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن، رياستن ۽ سرحدي معاملن، صنعت ۽ پيداوار ۽ قومي صحت وارين وزارتن جي غيرضروري ذيلي ادارن کي بند ڪرڻ ۽ ضروري ادارن …

اسلام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن، رياستن ۽ سرحدي معاملن، صنعت ۽ پيداوار ۽ قومي صحت وارين وزارتن جي غيرضروري ذيلي ادارن کي بند ڪرڻ ۽ ضروري ادارن جي رائيٽ سائيزنگ جي حوالي سان بنيادي معلومات حاصل ڪرڻ جو عمل 12 جولاءِ تائين مڪمل ٿي ويندو، اهڙي طرح 19 جولاءِ کان وفاقي حڪومت جي ٻين وزارتن کان ان نوعيت جي معلومات حاصل ڪري ٻين ادارن کي بند يا ضم ڪرڻ جون سفارشون جوڙيون وينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جي منظوري ڏئي ڇڏي. منظور ٿيل حڪمت عملي موجب وفاقي ترقياتي منصوبن جي نگراني جي لاءِ پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ڪمپني ٺاهي ويندي جڏهن ته وفاقي حڪومت جي نگراني هيٺ صوبائي نوعيت جي سمورن ترقياتي منصوبن کي لاڳاپيل صوبائي ادارن جي حوالي ڪيو ويندو. اهڙي طرح پاڪ پي ڊبليو ڊي جي حوالي ڪيل سارسنڀال ۽ مرمت جي ڪمن کي جاري رکڻ جي لاءِ ايسيٽ اينڊ فيسليٽي مئنيجمينٽ ڪمپني قائم ڪئي ويندي. پاڪ پي ڊبليو ڊي جي عملي جي درجابندي کانپوءِ لاڳاپيل وزارتن ۾ منتقلي ڪئي ويندي ۽ گولڊن هينڊ شيڪ اسڪيم عمل ۾ آندي ويندي. ملڪ ۾ پاڪ پي ڊبليو ڊي جي سمورين ملڪيتن جي رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن ڪئي ويندي. ڪابينا هدايت ڪئي ته ٽرانزيشن جو اهو عمل ٻن هفتن جي اندر اندر مڪمل ڪيو وڃي. ڪابينا کي ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ حڪومتي ڪاٿي کي گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ٺاهيل ڪميٽي جي هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن، رياستن ۽ سرحدي معاملن، صنعت ۽ پيداوار ۽ قومي صحت وارين وزارتن جي غيرضروري ذيلي ادارن کي بند ڪرڻ ۽ ضروري ادارن جي رائيٽ سائيزنگ جي حوالي سان بنيادي معلومات حاصل ڪئي پئي وڃي، اهو عمل 12 جولاءِ تائين مڪمل ٿي ويندو. ڪميٽي ان معلومات جي بنياد تي لاڳاپيل وزارتن جي مشاورت سان تجويزون جوڙي ڪابينا کي آگسٽ جي پهرين هفتي تائين پيش ڪندي. اهڙي طرح 91 جولاءِ کان وفاقي حڪومت جي ٻين وزارتن کان ان نوعيت جي معلومات حاصل ڪري ٻين ادارن کي بند يا ضم ڪرڻ جون سفارشون جوڙيون وينديون. ڪابينا ملڪ ۾ قانوني طور تي رهندڙ 1.45 ملين افغان پناهگيرن جن جي پروف آف رجسٽريشن ڪارڊز جو مدو 30 جون 2024ع تي ختم ٿي چڪو آهي، ان جي پي او آر ڪارڊز جي مدي ۾ هڪ سال يعني 30 جون 2025ع تائين توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي سفارش تي پشاور ۾ فيڊرل لاج نمبر II جي عمارت کي آفيس استعمال جي لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان عمارت ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي آفيس مستقل بنيادن تي قائم ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اپيليٽ ٽربيونل ان لينڊ ريوينيو جي بئنچن مان 7 اڪائونٽنٽ ميمبرن کي واپس ايف بي آر موڪلڻ ۽ وزارت پاران نامزد 14 آفيسرن کي اپيليٽ ٽربيونل ان لينڊ روينيو جي بئنچن ۾ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا صحت واري وزارت جي سفارش تي جوائنٽ سيڪريٽري محمد اقبال کي بطور منتظم نيشنل ڪائونسل فار هوميوپيٿي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي معيار تي پورو نه لهڻ جي بنياد تي بهاولپور ميڊيڪل ڪاليج جي 19 اپريل 2024ع کان تسليم ٿيل حيثيت ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان اداري ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن کي ملڪ جي ٻين ميڊيڪل ڪاليجز ۾ منتقل ڪيو ويندو. وزيراعظم پڇيو ته غيرمعياري هجڻ جي باوجود بهاولپور ميڊيڪل ڪاليج کي پي ايم ڊي سي تعليمي سرگرميون جاري رکڻ جي اجازت ڇو ڏني. وزيراعظم پرائيم منسٽر انسپيڪشن ڪميشن کي جاچ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم پي ايم ڊي سي جي معاملن جي حوالي سان اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد ان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر جهانزيب خان ۽ وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ملڪ مختار احمد تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي ۽ انهن کي هدايت ڪئي ته پي ايم ڊي سي جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي حوالي سان تجويزون ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪن. وفاقي ڪابينا صحت واري وزارت جي سفارش تي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي اشتهارن جي حوالي سان ڪميٽي جي 17 هين ۽ 18 هين اجلاس ۾ تجويز ڪيل دوائن جي 53 اشتهارن کي ٽي وي، ريڊيو ۽ اخبارن ۾ تشهير جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ڪي – اليڪٽرڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ پاڪستان حڪومت پاران جاويد قريشي کي ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن رياستي ادارن جي غيرفعال ۽ اڻ مڪمل بورڊز آف ڊائريڪٽرز ۾ ٻن هفتن جي اندر پيشيواراڻي طور تي سٺي سهرت رکندڙ ماڻهو مقرر ڪري انهن کي فعال بڻايو وڃي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 27 جون 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا سرڪاري ملڪيتي ادارن جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جي 4 جولاءِ 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پُڻ توثيق ڪري ڇڏي.

مزید خبریں