اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ منير اڪرم نگران وزيراعظم کي گڏيل قومن جي ايندڙ جنرل اسيمبلي (يو اين جي اي 78) جي تيارين بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ منير اڪرم کي گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي پاڪستان جي مثبت نمائندگي ڪرڻ تي ساراهيو.