اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان آذربائيجان جي سفير خضر فربادوف ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن پاڪستان آذربائيجان لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران واپار، رابطن ۽ عوام سان عوام جي رابطن تي ڌيان ڏيندي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.