ڪراچي – 31 – آگسٽ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي مدد علي سنڌي تاثرات واري بڪ ۾ پنهنجا تاثر لکيا ۽ قائداعظم محمد علي جناح کي جدوجهد وسيلي هڪ آزاد ملڪ بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسان کي قائداعظم جي ڏسيل واٽ تي هلندي ملڪ کي خوشحال ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته مون جيئن ئي پنهنجي وزارت جي چارج ورتي ته پرائمري اسڪولن جا دورا ڪرڻ شروع ڪيم ڇو ته اسان وٽ سرڪاري اسڪولن تي ايترو ڌيان ناهي ڏنو ويندو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي سرڪاري اسڪولن تي ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته اتي پڙهندڙ ٻارڙن مان 80 سيڪڙو جو تعلق غريب خاندانن سان آهي. ان موقعي تي هن نوجوانن کي پيغام ڏيندي چيو ته اسان وٽ تعليم کانسواءِ اهڙو ٻيو ڪو به رستو ناهي جنهن تي هلندي اسان ترقي يافته دنيا ۾ ترقي جي وڌندڙ ڊوڙ ۾ مقابلو ڪري سگهون. هن چيو ته پاڪستان هڪ گهاٽو وڻ آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي ان وڻ جي حفاظت ڪرڻي پوندي ته جيئن ايندڙ نسل ترقي ڪري سگهي. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ وفاقي وزير مزار تي حاضري ڀري ۽ ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ دعا گهري.