اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ گذريل سال آيل خطرناڪ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن ۽ علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ سهڪار جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هڪ سال اڳ آيل بدترين ٻوڏ سان پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا، ايشيائي ترقياتي بينڪ بحالي ۽ ماحولياتي مناسبت وارن مختلف منصوبن ۾ 554 ملين ڊالرن جي معاونت فراهم ڪري رهي آهي. بيان موجب متاثر علائقن ۾ پلين، واٽر سپلائي، ضروري واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ پاڪستان کي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. بيان موجب بلوچستان جي 60 هزار هارين ۾ چانورن جي ٻج جي فراهمي، ايف اي او جي سهڪار سان عمل ۾ آندي وئي جنهن لاءِ جاپاني سرڪار مالي معاونت فراهم ڪئي آهي. اهڙي ريت هارياڻين کي ٽول ڪٽس ۽ حفاظتي فٽ ويئرز جي فراهمي پڻ ڪئي پئي وڃي.