اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) سيڪريٽريٽ گروپ جي گريڊ 21 جي آفيسر ظهور احمد اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (انچارج) جون ذميواريون سنڀالي ورتيون. پنهنجي آفيس اچڻ تي اطلاعات واري وزارت جي اعليٰ آفيسرن ۽ عملي ظهور احمد جو استقبال ڪيو. ظهور احمد اطلاعات واري وزارت جو چارج سنڀالڻ کانپوءِ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان ملاقات ڪئي ۽ وزارت جي معاملن بابت هدايتون ورتيون. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ظهور احمد کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري (انچارج) مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو هو.