اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي مشاورت جو اٺون دور 29 ۽ 30 آگسٽ تي بيجنگ ۾ منعقد ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب ايڊيشنل سيڪريٽري (آرمز ڪنٽرول ۽ هٿيارن جي خاتمي/ پاليسي پلاننگ) محمد ڪامران اختر پاڪستان جڏهن ته چين جي پرڏيهي وزارت جي شعبي آرمز ڪنٽرول جي ڊائريڪٽر جنرل شيائو بو پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪئي. ڳالهه ٻولهه کان اڳ ايڊيشنل سيڪريٽري چين جي نائب پرڏيهي وزير سن وي ڊونگ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڌرين پاڪ چين لاڳاپن، عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مشاورت دوران ڌرين علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي صورتحال سميت هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ بابت موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان جي وفد بيجنگ ۾ چين جي آرمز ڪنٽرول اينڊ ڊس آرمامنٽ ايسوسيئيشن (سي اي سي ڊي اي) ۽ چيني انسٽيٽيوٽ آف ڪنٽيمپريري انٽرنيشنل ريليشنز (سي آئي سي آر) سميت اهم ٿنڪ ٽينڪس جو پڻ دورو ڪيو. دورن دوران ٻنهي ملڪن جي ٿنڪ ٽينڪس ۽ تحقيقي ادارن جي وچ م اسٽريٽجڪ رابطي کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين گڏيل اتفاق جي تاريخ تي ايندڙ سال نائون دور منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.