اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي پاڪستان نيوي جي شمشير بحر جنگي مشق تي بريفنگ ڏني ويندي.