اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان وائيس آف آمريڪا جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ڊويزن جي سربراهه عائشه تنظيم ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ ملاقات ۾ موجود هو.