جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون ڪارائتيون ثابت ٿيون، وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومتي وفد جي وڏي ڪاميابي، ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ اربين ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جنيوا ۾ منعقد ڪانفرنس ۾ عالمي مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي پڪار تي وڌي چڙهي امداد جو اعلان ڪيو آهي. اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ گروپ پاران 4 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جو اعلان ڪيو ويو. ورلڊ بئنڪ پاران وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 2 ارب ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو ويو.