اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جنيوا ڪانفرنس جو سڄو ڏينهن جاري رهندڙ مڪمل سيشن عالمي برادري جي فراخدلي سان مڪمل ٿي ويو، عالمي برادري پاران مجموعي طور تي 8.57 ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ يورپي يونين 93 ملين ڊالر، جرمني 88 ملين ڊالر، چين 100 ملين ڊالر، آءِ ڊي بي 4.2 بلين ڊالر، عالمي بئنڪ 2 بلين ڊالر، جاپان 77 ملين ڊالر، اي ڊي بي 1.5 بلين ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو، يو ايس ايڊ 100 ملين ڊالر، فرانس 345 ملين ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو. مجموعي رقم 8.57 بلين ڊالر بڻجي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته ڪانفرنس جو ٻيو مڪمل سيشن جلد شروع ٿيندو.