اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪو به وائيٽ پيپر عمران خان جي ڪارن ڪرتوتن تي پردو نه ٿو وجهي سگهي، ڪاري ذهن، ڪارا ڪرتوت ۽ ڪارو جادو ڪندڙ مسٽر اينڊ مسز ملڪ کي معاشي ڏيوالپڻي جي ويجهو پهچايو، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2018ع ۾ 6.1 سيڪڙو تي ترقي ڪندڙ ملڪ ڇڏي وئي هئي، مهانگائي جي شرح 3.8 سيڪڙو جي گهٽ ترين سطح تي هئي، 14 هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهي ويا هئاسين، دهشتگردي جي چيلهه ٽوڙي پاڪستان کي پرامن، خوشحال ۽ ترقي ڪندو ملڪ ڇڏي ويا هئاسين، سمورا عالمي رسالا پاڪستان جي معيشت کي خطي ۾ بلند ترين معيشت قرار ڏئي رهيا هئا، عمران خان کي پنهنجي وائيٽ پيپر ۾ ٻڌائڻ گهرجي ها ته کيس ڪهڙي طرح جو ملڪ ورثي ۾ مليو هو، عوام کي ڪير ٻڌائيندو ته عمران خان جي دور ۾ مهانگائي 15 سيڪڙو تائين پهتي، عمران خان پنهنجي دور ۾ ٿيندڙ معاشي تباهي جو ذڪر ڪنهن وائيٽ پيپر ۾ داخل ڪندو؟ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پاڪستان جي عوام ۽ معيشت کي تباهه ڪيو، ڪاري ذهن، ڪارا ڪرتوت ۽ ڪارو جادو ڪندڙ مسٽر اينڊ مسز ملڪ کي معاشي ڏيوالپڻي تائين پهچايو، انهن کي وائيٽ پيپر جاري ڪندي شرم تائين نه آيو، انهن کي وائيٽ پيپر ۾ عوام کان معافي وٺڻ گهرجي ها. هن چيو ته انهن ماڻهن ترقي ڪندڙ پاڪستان کي اجاڙي رکي ڇڏيو، 2013ع کان 2018ع تائين پاڪستان معاشي طور تي ترقي ڪري رهيو هو، سمورا معاشي انگ اکر مثبت هئا، ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ترين سطح تي هئي پر جڏهن عمران خان اقتدار ۾ آيو ته هن ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو. هن چيو ته ڪو وائيٽ پيپر عمران خان جي ڏنل معاشي تباهي، ڪرپشن ۽ چوري کي سفيد نه ٿو ڪري سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2018ع ۾ 6.1 سيڪڙو تي ترقي ڪندڙ ملڪ ڇڏي وئي هئي، ملڪ ۾ سي پيڪ جا منصوبا ڪاميابي سان هلي رهيا هئا، 14 هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهي ويا هئاسين، کپت کان وڌيڪ بجلي ۽ گئس موجود هئي، مهانگائي جي شرح 3.8 سيڪڙو جي گهٽ ترين سطح تي هئي، دهشتگردي جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي هئي، هڪ پرامن، خوشحال ۽ ترقي ڪندڙ ملڪ ڇڏي ويا هئاسين، سمورا عالمي رسالا پاڪستان جي معيشت کي خطي ۾ بلند ترين معيشت قرار ڏئي رهيا هئا، ملڪ ۾ روزگار هو، سي پيڪ ۽ بجلي جا منصوبا هلي رهيا هئا، اٽو 35 رپيا ڪلو هو ۽ کنڊ 52 رپيا ڪلو ملي رهي هئي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي چئن سالن ۾ ملڪ کي معاشي تباهي طرف ڌڪيو، 2018ع کان اپريل 2022ع تائين معاشي تباهي جو وائيٽ پيپر ڪير جاري ڪندو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ 45 هزار ارب رپين جا قرض ورتا، عوام کي ڪير ٻڌائيندو ته کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون 2.4 سيڪڙو کان 15 سيڪڙو تائين پهچايون، اهو ڪهڙي وائيٽ پيپر ۾ لکندا؟ هن چيو ته عمران خان ترقي جي شرح پهرين سال منفي ڏيڍ سيڪڙو تائين کڻي ويو، پاڪستان جي عوام کي ڪيئن ٻڌائيندا ته توهان بجلي جي يونٽ جي قيمت 11 رپين مان 26 رپيا ڪري ڇڏي هئي، توهان ڪهڙي طرح ٻڌائيندا ته توهان گئس جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو؟ توهان ڪهڙي طرح ٻڌائيندا ته نواز شريف جا لڳايل سي پيڪ جا منصوبا توهان بند ڪري ڇڏيا، ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي تباهه ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته ڪو اهڙو ملڪ نه هو جيڪو پي ٽي آءِ جي حڪومت سان راضي هجي، عمران خان چين، ترڪيءَ ۽ ٻين غيرملڪي سيڙپڪارن تي نيب کي مڙهيو، هي سمجهن ٿا ته انهن جو وائيٽ پيپر انهن جي ڪارن اعمالن ۽ ڪاري ذهنيت تي پڙدو وجهندو. هن چيو ته عمران خان! پاڪستان جي عوام کي ٻڌايو ته 2018ع کان اپريل 2022ع تائين هن ملڪ ۾ دهشتگردي واپس آئي، خيبرپخونخواهه ۾ توهان جي 9 سال کان حڪومت آهي، دهشتگردي جي حوالي سان اتي هڪ اداري تائين نه ٺهي سگهيو، 6.1 سيڪڙو تي ترقي ڪندڙ ملڪ انهن منفي تائين پهچايو، اهو وائيٽ پيپر ڪير جاري ڪندو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان سمجهي ٿو ته هو وائيٽ پيپر جاري ڪري پاڪستان جي عوام جي اکين ۾ مٽي وجهندو، هي پاڻ پنهنجي ڪوڙ ۾ روزانو ڦاسندا پيا پيا وڃن، انهن کي پنهنجي وائيٽ پيپر ۾ لکڻو پوندو ته انهن ڪشمير جو سودو ڪيو، ملڪي معيشت تباهه ڪئي، مهانگائي کي بلند ترين سطح تي کڻي ويا، بجلي جا جيڪي منصوبا نواز شريف لڳائي وي هو، اهي بند هئا، عوام کي گئس ميسر نه هئي. هن چيو ته اڄ جيڪي مشڪلاتون درپيش آهن اهي 6 کان 8 مهينن ۾ نه آيون، اهي عمران خان جي چار سالا دور جون آهن. هن چيو ته عمران خان چوندو هو ته اسان مصروف هئاسين، عمران خان وائيٽ پيپر جاري ڪري ته هو ڪهڙين شين ۾ مصروف هو، توهان ڪشمير جو سودو ڪرڻ ۾ مصروف هئا، توهان ملڪ ۾ مهانگائي برپا ڪرڻ ۾ مصروف هئا، ملڪي تاريخ جي بلند ترين قرض وٺڻ ۾ مصروف هئا، پنج قيراط جا هيرا گڏ ڪرڻ ۾ مصروف هئا، ملڪ ۾ زمينن جي خريد ۽ وڪري ۾ مصروف هئا. هن چيو ته پاڪستان جون عورتون اڄ تائين ناهن وسريون ته آڱوٺن تي نشان هڻي هڪ ڪلو کنڊ جي لاءِ رمضان جي مهيني ۾ قطارن ۾ بيٺل رهيون. هن چيو ته اسان ته اهو پاڪستان ڏئي ويا هئاسين جنهن ۾ کنڊ 52 رپيا في ڪلو ملي رهي هئي. پاڪستان جي عوام کي اٽو 35 رپيا في ڪلو پنجن سالن تائين ملندو رهيو ۽ عمران خان اٽي کي 75 کان 80 رپيا في ڪلو تائين پهچائي ڇڏيو. اڄ پنجاب ۾ اٽو بليڪ ۾ ملي رهيو آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ به اها ئي صورتحال آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ انهن جي حڪومت جو ڏهون سال شروع ٿي چڪو آهي، اتي دهشتگردي ڪَر کڻي رهي آهي جنهن جا اثر پوري پاڪستان تي پئجي رهيا آهن. هن چيو ته عمران خان کي خيبرپختونخواهه ۾ پنهنجي 10 سالن جي ڪرتوتن جو وائيٽ پيپر جاري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين پاڪستان جي عوام کي ريليف ڏنو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ اتحادين پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) 2018ع ۾ آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪري واپس ڪري ڇڏيو هو، عمران خان چيو هو ته هو خودڪشي ڪري ڇڏيندو پر هو آءِ ايم ايف نه ويندو پر هو آءِ ايم ايف وٽ به ويو ۽ آءِ ايم ايف جي سخت شرطن تي صحيحون به ڪيون جنهن جو ڪِيتو اڄ پاڪستان جي عوام ڀوڳي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پاڪستان جي سياست ۾ منڊي لڳائي، ان تي به هڪ وائيٽ پيپر جاري ڪري ڇڏي ۽ پاڪستان جي عوام کي ٻڌايو ته توهان جا ڪهڙا ڪارا ڪرتوت رهيا آهن. هن چيو ته وائيٽ پيپر جاري ڪرڻ سان انهن سمورين ڳالهين تان پردا نه هٽي ويندا. هن چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ خزاني جا ڪيترائي وزير تبديل ڪيا، 90 ڏينهن ۾ 300 ارب آڻيندڙ ملڪي خزانو ڦري هليا ويا. انهن جون حرڪتون کيسا ڪٽڻ وارن وانگر آهن. هن چيو ته عمران خان جن کي چور چوي ٿو انهن پنهنجي 40 سالن جو حساب ڏنو، عمران خان پنهنجي چئن سالن جو حساب ڏئي ڇڏي ته توهان پاڪستان جي معيشت، پاڪستان جي عوام ۽ نوجوانن جي روزگار سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو. هن چيو ته عمران خان! هي وائيٽ پيپر نه اهو توهان جو ڪارو اعمال نامو آهي جيڪو پاڪستان جي عوام جي سامهون آهي. اڄ پاڪستان جي عوام کي گئس ۽ بجلي ميسر نه آهي ته اهو توهان جي خلاف وائيٽ پيپر آهي، توهان معيشت تباهه ڪئي، مهانگائي کي پروان چاڙهيو، روزانو هر گهر مان توهان جي خلاف وائيٽ پيپر جاري ٿئي ٿو. هن چيو ته عمران خان تماشو ختم ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزي چيو ته اسان هن ملڪ کي صحيح رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪري رهيا آهيون، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، آبادگار جي مستقبل کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ اسان جي انهن ڪوششن ۾ عمران خان جون حرڪتون رڪاوٽ نه ٿيون وجهي سگهن، اسان جو فوڪس تمام ڪليئر آهي. هن چيو ته عمران خان 2018ع کان 2022ع اپريل ۽ 2013ع کان 2018ع تائين جي دورن جي ڀيٽ ڪري ۽ پوءِ وائيٽ پيپر جاري ڪري. هن چيو ته عمران خان جي چوري، ڪرپشن، نالائقي، نااهلي اهي ڪارا ڪرتوت آهن جن تي ڪو به وائيٽ پيپر پردو نه ٿو وجهي سگهي.