اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي لاهور جي اڳواڻ اصغر خان لوڌي جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ آئون توهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.