اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي واعدي کي پورو ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته آئون بطور خادم پاڪستان جي آخري ٻوڏ سٽيل شخص جي بحالي تائين سک سان نه ويهندس، ايندڙ مهيني جنيوا ۾ ٻوڏ سٽيلن جي پڪار کي هڪ ڀيرو ٻيهر پوري دنيا تائين ڀرپور طريقي سان پهچائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ايندڙ مهيني جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ ”ريزيلينٽ پاڪستان“ ڪانفرنس جي حوالي سان جائزه اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، سردار اياز صادق، احسن اقبال، شيري رحمان، مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، خاص معاونين سيد طارق فاطمي، جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس جي حوالي سان تجويزن ۽ تفصيلي حڪمت عملي جو مسودو پيش ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪانفرنس ۾ دوست ملڪن سان گڏوگڏ ڊولپمينٽ پارٽنرز ۽ عالمي مالياتي ادارن جي شرڪت پڻ متوقع آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري هلندڙ سال سوين جانيون ضايع ۽ اربين ڊالر جو نقصان ٿيو، ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي تعمير پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته آئون واعدي موجب بطور خادم پاڪستان آخري ٻوڏ سٽيل شخص جي بحالي تائين سک سان نه ويهندس، ايندڙ مهيني جنيوا ۾ ٻوڏ سٽيلن جي پڪار کي هڪ ڀيرو ٻيهر پوري دنيا تائين ڀرپور طريقي سان پهچائينداسين. وزيراعظم ڪانفرنس جي حڪمت عملي کي ترجيحي بنيادن تي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.