اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رجسٽريشن (ترميمي) بل 2022ع جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڪالهه جاري بيان موجب بل جي مدد سان رجسٽريشن ايڪٽ 1908ع جي سيڪشن 17 ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي آهي.