اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکندو. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته هلندڙ سال دوران به ڀارت ڪشميرين جي انهن جي حقن ۽ آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ جي لاءِ فوجي طاقت جو استعمال ڪندو رهيو آهي، پاڪستان پوري سال دوران سمورن لاڳاپيل ٻطرفن ۽ علائقائي فورمن سان گڏوگڏ عالمي سطح تي پڻ ڪشميري عوام جي لاءِ آواز اٿاريو، پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خاتمي ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب هڪ منصفاڻي حل جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته او آءِ سي وزراءِ ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي اهم قراردادون منظور ڪيون ۽ ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته هن سال 11 ڊسمبر تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل مظفرآباد ۽ لائين آف ڪنٽرول جو دورو ڪيو جيڪو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال بابت تنظيم جي مسلسل ڳڻتي جو هڪ ٻيو مظهر هو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکندو.