اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون تي مختلف ٻطرفن معاملن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته وزيراعظم کيس پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ گڏيل قومن سان گڏيل ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ فوري امداد جي فراهمي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران ترڪيه جي ڀائر حڪومت جا ٿورا مڃيا. متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حوالي سان ملڪ کي درپيش مشڪل چئلينج کي اجاگر ڪندي وزيراعظم پاڪستان جي بهتر تعمير جي منصوبن جي لاءِ مسلسل عالمي تعاون ۽ يڪجهتي جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن مختلف ٻطرفن معاملن ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ۽ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.