اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فارن ايجنٽ چور ملڪي تاريخ جو بدترين ۽ ناڪام ترين تجربو هو جنهن ترقي ڪندڙ خوشحال مڪ کي اونداهين ۾ ڌڪيو، سياسي بيروزگارن، نالائقن ۽ فارن ايجنٽس جي سليڪيٽيڊ حڪومت 2018ع کان 2022ع اپريل تائين مڙهيل رهي، امپورٽيڊ ٽولي ۽ فارن ايجنٽ کي پارليامينٽ مان کڻي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو آهي، استعيفائون ڏيو خطن جو بهانو ڇو بڻائي رهيا آهيو؟ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اليڪشن ڪرايو، ڪهڙي تڪليف آهي؟ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فارن ايجنٽ ملڪ ۾ تاريخي مهانگائي ۽ بيروزگاري ڪئي، ملڪ جا مفاد وڪرو ڪيا، ڪشمير جو سودو ڪيو، ادارن جي توهين ڪئي، شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائي، اڄ عوام کي لڳو هر زخم فارن ايجنٽ جو ڏنل آهي. هن چيو ته اڄ عوام جي هر تڪليف جو سبب فارن ايجنٽ آهي، فارن ايجنٽ جن تي الزام هڻي رهيو آهي اهي 6.3 سيڪڙو تي ترقي ڪندڙ ملڪ ڇڏي ويا هئا.