اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي خصوصي منصوبي پاڪستان انفارميشن سينٽر جي اهتمام هيٺ انفارميشن سروس اڪيڊمي اسلام آباد ۾ نون ۽ مڊ ڪيريئر صحافين جي لاءِ ٻن ڏينهن وارو ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو. ان تربيتي ورڪشاپ جو موضوع ”فيڪ نيوز ۽ ڪوڙ تي ٻڌل بيانيي جي تدارڪ جي لاءِ کڄندڙ قدمن بابت آگاهي ڏيارڻ آهي. ان ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جو افتتاح اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته اطلاعات واري وزارت صحافين جي ڀلائي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وزارت جديد دور ۾ صحافت جي ميدان ۾ درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معياري تربيتي ورڪشاپس جي شروعات ڪئي آهي. اطلاعات واري سيڪريٽري جو چوڻ هو ته انهن ورڪشاپس ۾ صحافي برادري جي غيرمعمولي دلچسپي ۽ انهن پاران سامهون ايندڙ تاثر انتهائي خوش آئنده آهي. هن تربيتي ورڪشاپ جي بهترين انتظامن تي پرنسپل انفارميشن سيڪريٽري مبشر حسن ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي ڪوششن کي ساراهيو. ورڪشاپ جي پهرين ڏينهن ناليواري صحافي ۽ تجزيه نگار اعزاز سيد ۽ پاڪستان جي صف اول جي اينڪر، ناليواري تجزيه نگار ۽ سينيئر صحافي سيد طلعت حسين تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو ۽ انهن کي فيڪ نيوز ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ بابت آگاهه ڪيو. ورڪشاپ جي پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سروس اڪيڊمي سيد مبشر توقير مهمان اسپيڪرز کي يادگاري شيلڊز پيش ڪيون. ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ان خصوصي قدم کي ساراهيندي اهم موضوعن تي تربيتي ورڪشاپس جو سلسلو جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هي تربيتي ورڪشاپ (اڄ) خميس تي ٻئي ڏينهن به جاري رهندو.