APP41-281222 LARKANA: December 28 - Chairman Pakistan People's Party and Foreign Minister Bilawal Bhutto Zardari talking to media persons after inspecting the newly constructed Medical Emergency Response Center at Chandka Medical Civil Hospital during his visit. APP/NAS/MAF/ABB/FHA

لاڙڪاڻو – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان چاهي ٿو چونڊن ۾ فوج سندس مدد ڪري ته ڇا پاڪستان جي عوام جا ادارا پي ٽي آءِ جي ٽائيگر فورس طور ڪم ڪن، عمران خان ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪو آهي ۽ هاڻي سندس ڪهاڻي ختم ٿي وئي آهي، عمران خان آمريت جو دروازو کولڻ چاهي ٿو جيئن هُو وري اقتدار ۾ اچي سگهي ۽ وقت کان اڳ چونڊُون ان لاءِ چاهي ٿو جو سندس سهولتڪارن جي هوندي هُو ڪاميابي حاصل ڪري، مشرف جي باقيات ۾ عمران خان ۽ ان جا ٻيا اڃان موجود آهن جيڪي جمهوريت ۽ ان جي ترقيءَ ۾ ساٿ نه ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ نئين ٺهندڙ ٽراما سينٽر جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زداري چيو ته جيڪڏهن عمران خان جو چونڊن ۾اهو بيانيو هوندو ته فوج سندس مدد ڪري ته ڇا پاڪستان جي عوام جا ادارا پي ٽي آءِ جي ٽائيگر فورس طور ڪم ڪن، جيڪو شخص 6 مهينن کان وزيراعظم نه رهيو آهي اهو آئين ٽوڙائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ڇا ان کي آئين ٽوڙي زبردستي وزيراعظم بڻائجي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي خيال ۾ اهڙي قسم جو سياسي بيانيو جمهوريت جي خلاف، آمراڻي ۽ غير جمهوري سوچ آهي، ان لاءِ پاڪستان جي عوام کي جڏهن به موقعو مليو انهن غير جمهوري ۽ سليڪٽيڊ قوتن کي شڪست ڏياري جمهوري قوتن کي چونڊيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊون آئين ۽ قانون موجب ٿينديون ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ جو مدو پنج سال آهي جيڪڏهن پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪندي ان کان پوءِ ئي چونڊون ٿينديون. هن چيو ته پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ اسان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي اڳ هر ٻن ۽ ٽن سالن کان پوءِ پارليامينٽ کي ٽوڙيو ويندو هو پر اسان 2008 کان 2013ع تائين پنهنجي حڪومت جو مدو پورو ڪيو ۽ هي ٽين حڪومت آهي جيڪا پنهنجو مدو پوري ڪرڻ وڃي رهي آهي، عمران خان چاهي ٿو ته آمريت جو دروازو کلي ۽ هو پوئين دروازي کان ٻيهر وزيراعظم بڻجي سگهي ان ۾ ٻي ڪا سازش هوندي، عمران خان جو پهرين اهو ضد هو ته سندس اسٽيبلشمينٽ ۾ موجود سهولتڪارن جي ڪرسي تي ويهڻ کانپوءِ فوري طور چونڊون ٿين، جيئن عمران خان کي ڪو غلط فائدو ملي سگهي، هاڻي اسٽبلشمينٽ جي اداري مان سندس سهولتڪار هٽي ويا آهن، شايد ٻين ادارن ۾ ان جا سهولتڪار اڃان به ويٺا هجن، هاڻي جيڪڏهن چونڊون وقت تي ٿينديون ته پوءِ عمران خان جا سهولتڪار ڪنهن به اداري ۾ نه هوندا عمران خان کي اِن ڳالهه تي سخت پريشاني ٿي رهي آهي جنهن ڪري هو ڪوڙ، نفرت، ورهاست، جلاءُ، گهيراءُ ۽ ڪوڙن الزامن جي سياست ڪري هر قسم جي حربا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيئن هو پارليامينٽ جي مدي ۽ جمهوريت جي ترقي کي روڪي سگهي، اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اسان جو ملڪ اڄ ڏينهن تائين ٻوڏ جي اثرن مان گذري رهيو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري عروج تي پهتل آهي ۽ عوام معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي پر عمران خان چاهي ٿو ته ان جو ضد پورو ٿئي ۽ عوام جا مسئلا حل نه ٿين. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ نه رڳو لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد پر بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ڪجهه ضلعن جا مريض هتي علاج لاءِ پهچندا هئا ۽ ان بار جي ڪري اسپتال جي معيار کي وڏو نقصان پهتو ان لاءِ لاڙڪاڻي واسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ صحت کاتي جا ٿورائتا آهن، جو لاڙڪاڻي ۾ اسان جو ٽراما سينٽر ۽ ايمرجنسي فيسليٽيشن سروس موجود آهي، ان کي عالمي معيار موجب فعال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته لاڙڪاڻي واري ٽراما سينٽر کي ڪراچي واري ٽراما سينٽر سان لنڪ ڪيو ويندو ان سان گڏ لاڙڪاڻي ۾ 1122 ايمبولينس سروس ڪئي وئي آهي ان سان هتان جي ماڻهن کي صحت جون اڃان وڌيڪ بهتر سهولتون ملنديون، اسان وٽ نه رڳو ايمبولينس پر فائر سروس به آهي، اسان چاهيون ٿا ته لاڙڪاڻي واري 1122 سروس کي سينٽرلائيز ڪري ايمبولينسن جي انڱ کي به وڌايو وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ هي سروس شروع آهي ۽ آئُون چاهيان ٿو ته سنڌ جي ٻين وڏن شهرن سکر ۽ حيدرآباد ۾ به اها سروس شروع ڪريون ۽ اين آءِ سي وي ڊي جي طرز تي لاڙڪاڻي واري ٽراما سينٽر جيان هر ڊويزن ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ عالمي معيار موجب سينٽر ٺاهينداسين. هن چيو ته آئون ڄاڻان ٿو ته اسان وٽ وسيلا گهٽ ۽ مشڪلاتون گهڻيون آهن پر آهستي آهستي اسان گڏجي نه رڳو صحت پر تعليم ۽ ٻين شعبن کي به بهتر بڻائينداسين، اسان جا ٻيا به پروگرام آهن انهن تي ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته اسپتالن ۾ سڀ کان وڌيڪ ايمرجنسي سروس جي ضرورت هوندي آهي، اڳ عورتن ۽ ٻارن جي موت جي شرح وارا انگ اکر پريشان ڪندڙ هئا ان کي نظر ۾ رکندي اسان چائلڊ لائيف فائونڊيشن سان ملي هر ضلعي ۾ ٻارن جي ايمرجنسي جا وارڊ قائم ڪيا آهن ۽ اهڙي طرح عالمي معيار موجب سنڌ جي هر ضلعي ۾ چائلڊ لائيف فائونڊيشن سان گڏجي ٻارن جي علاج جي ايمرجنسي سروس فراهم ڪئي ويندي، اسان جي ڪوشش آهي ته صحت جي سمورن شعبن کي عالمي معيار جهڙو بڻايون.