
لاڙڪاڻو – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش ۾ شهداءِ جمهوريت جي مزارن تي حاضري ڀري. جتي هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير شاهنواز ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني پڻ ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ملڪي سلامتي ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ دعا پڻ گهري.