APP39-281222 LARKANA: December 28 - Chairman Pakistan People's Party and Foreign Minister Bilawal Bhutto Zardari inspecting the newly constructed Medical Emergency Response Center at Chandka Medical Civil Hospital during his visit. APP/NAS/MAF/ABB/FHA

لاڙڪاڻو – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۾ نئين ٺهندڙ ٽراما سينٽر جو دورو ڪيو جتي چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر گلزار تونيو ۽ ٻين کيس بريفنگ ڏني ۽ ريسڪيو 112 جي عملي سان گروپ فوٽو ڪڍرايو. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلا پهچي گهوٽڪي جي سنڌو درياهه جي ڪچي واري علائقي رانوتي ۾ شهادت ماڻيندڙ اوٻاوڙو جي ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو جي ڀاءُ وارث ڏنو سان تعزيت جو اظهار ڪيو. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جي آمد جي موقعي تي لاڙڪاڻي شهر ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هُئا.