
لاڙڪاڻو – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٽوڙڻ نه پر جوڙڻ جي سياست ڪندي هئي ۽ هوءَ يڪجهتي تي يقين رکندي هئي، فوج ۽ عدليه نه پر پارليامينٽ سليڪيٽيڊ وزيراعظم کي گهر موڪليو، پر سليڪيٽيڊ ان جو ڪريڊٽ جو بائيڊن ۽ وائيٽ هائوس کي ڏيڻ چاهي ٿو، عمران خان پارليامينٽ ۾ واپس اچي اها کيس آخري وارننگ آهي، ملڪ ۾ دهشتگردي ٻيهر ڪَر کڻي رهي آهي سوچڻو پوندو ته دهشتگردي ڪَر ڇو کڻي رهي آهي، سليڪيٽيڊ جي پاليسي جي ڪري ملڪ عالمي سطح تي اڪيلو ٿي ويو، اسان ملڪ جي ساک بحال ڪري رهيا آهيون، ايندڙ وقت پيپلزپارٽي جو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان اڄ به شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي فلسفي تي هلي رهيا آهيون، عوام شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي اڄ به ناهي وساريو، هن چيو ته اسان پڇون ٿا ته اهو ڪهڙو گناهه هو جنهن جي ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، ڇا سندس اهو گناهه هو جو هوءَ هڪ محب وطن پاڪستاني هئي، ڇا سندس اهو گناهه هو ته هوءَ نه رڳو پاڪستان پر عالمي دنيا جي اڳواڻ هئي، هوءَ مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي، پوري مسلمان امت جو فخر بڻي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت جي عملبردار هئي، هو بهادر اڳواڻ هئي ۽ موت سان اکيون اکين ۾ ملائي 30 سال جدوجهد ڪندي رهي پر پنهنجي عوام، ڪارڪنن ۽ ساٿين کي هڪ ڏينهن جي لاءِ به لاوارث نه ڇڏيو، هو معاشي انصاف چاهيندي هئي ته جيئن عام ماڻهو عزت سان پنهنجي زندگي گذاري سگهي، هوءَ سڀني جي لاءِ هڪ ئي پاڪستان چاهيندي هئي ۽ هوءَ برابري تي يقين رکندي هئي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو يڪجهتي تي يقين رکندي هئي. هوءَ جوڙڻ جي سياست ڪندي هئي ٽوڙڻ جي نه ڪندي هئي، ان لاءِ اسان چوندا آهيون ته چئني صوبن جي زنجير بينظير هئي. هن چيو ته هوءَ پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو ڏسڻ نه چاهيندي هئي پر پوري دنيا کي گڏائي هن ملڪ جي ترقي ڏسڻ چاهيندي هئي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جيڪڏهن آمريڪا ويندي هئي ته اتي جي پارليامينٽ ۽ ان جا سڀئي سينيٽر گڏ ٿي سندس تقرير ٻڌندا هئا. هوءَ چين ويندي هئي ته پورو چين ڄاڻندو هو ته هوءَ ڀٽو جي ڌيءَ آهي ۽ ان کي اهڙي طريقي سان عزت ڏني ويندي هئي. هن چيو ته اهڙي طرح هوءَ جڏهن يورپ ويندي هئي ته سڄي دنيا مڃيندي هئي ته هوءَ پاڪستان جي نمائنده آهي ۽ سڄي دنيا جي عورتن جي به نمائنده آهي، هي جمهرويت جي عملبردار آهي، هي انساني حقن جو تحفظ ڪرڻ واري آهي، هي ميڊيا کي آزادي ڏيارڻ واري آهي، هي پنهنجي ملڪ جي غريبن، مظلومن ۽ هارين جي اصل نمائنده آهي پر کيس شهيد ڪيو ويو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو چوندي هئي ته دهشتگردي ۽ آمريت هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، هوءَ جيترو آمريت جو مقابلو ڪندي هئي ايترو ئي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪندي هئي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو نفرت جي نه پر اميد جي سياست تي يقين رکندي هئي، هوءَ ڪوڙ نه پر سچ جي سياست تي يقين رکندي هئي، ورهائڻ بدران يڪجهتي جي سياست تي يقين رکندي هئي. هن چيو ته اهو اسان جو فرض آهي ته اسان محترمه بينظير ڀٽو جي نظريي موجب سياست ڪريون، ان جي فلسفي موجب سياست ڪريون، اسان گڏجي محنت ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڻ مڪمل مشن کي مڪمل ڪريون. هن چيو ته فساد جي سياست کي سدائين جي لاءِ دفن ڪرڻو آهي. اسان سچ جي سياست ڪري ڪٺ پتلين جي سياست کي رد ڪري ڇڏينداسين. هن ملڪ کي ڳنڍينداسين، يڪجهتي جي سياست ڪنداسين، ماڻهن کي پاڻ ۾ نه ويڙهائينداسين. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي دور ۾ اسان کي حق ڏنا، 1973ع جو آئين ڏنو، جمهوريت جو بنياد رکيو، آمريت کي شڪست ڏني، جمهوريت کي بحال ڪيو. هن چيو ته اسان کي ان طبقي جو خيال رکڻو آهي جنهن جو خيال شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪندي هئي. جيڪڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع جو آئين ڏنو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ان آئين جي بحالي لاءِ 30 سال جدوجهد ڪئي ڇو جو هو ڄاڻيندي هئي ته ان آئين ۾ عوام جا حق آهن. پرڏيهي وزير چيو ته اسان 18 هين ترميم جي صورت ۾ 1973ع جي آئين کي بحال ڪيو ته اهو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪري ٿيو، صوبن کي حق ڏياريو، جمهوريت کي بحال ڪيو، صوبن کي معاشي وسيلا به ڏياريا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو اها اڳواڻ هئي جنهن کي آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن هڪ جهلڪ ڏسڻ جي لاءِ قطار ۾ بيهي انتظار ڪندي هئي. هن چيو ته جڏهن اسان مشرف ۽ ان جي باقيات جو مقابلو ڪيو ان وقت به اسان سدائين جمهوري هٿيار استعمال ڪري غير جمهوري ماڻهن کي فارغ ڪيو، جيئن صدر زرداري اڳوڻي آمر، ان ماڻهو کي جمهوري طريقي سان شڪست ڏني ۽ اڄ اسان به فخر سان چئي سگهون ٿا ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو آهي ۽ مشرف هو، آصف علي زرداري سياست دانشمندي ۽ سياسي طريقيڪار سان مشرف کي ائين ڪڍيو جيئن اوهان مک کي کير مان ڪڍندا آهيو ۽ عوام فيصلو ڪيو ته هي سليڪٽيڊ اسان جي آئيني حقن، 18 هين ترميم جي خلاف سازش ڪري صوبن جي وسيلن تي ڌاڙو هڻي انهن جي پيٺيان لڳل آهي ۽ سنڌ توڙي پنجاب جي ٻيٽن تي قبضو ڪري مهانگائي ڪري رهيو آهي، عوام جي کيسي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي ته پوءِ پيپلز پارٽي جي جيالن ان کي جيئي ڀٽو سان للڪاريو ۽ جمهوري طريقي سان حملو ڪري پرامن طريقي سان احتجاج ڪيو، اسان ڪراچي کان اسلام آباد پهتاسين اسان سان عوام گڏ هئي ۽ اسان جمهوري طريقي سان احتجاج ڪيو ۽ جيئن کير مان مک کي ڪڍيو ويندو آهي اهڙي طريقي سان عوام سليڪٽيڊ کي عدم اعتماد جي ذريعي ڪڍيو ۽ اها پاڪستان جي تاريخ آهي ۽ اها تاريخ پيپلز پارٽي لکي ۽ پهريون ڀيرو عدم اعتماد جي ذريعي پارليامينٽ سليڪٽڊ کي ٻاهر ڪڍيو جيڪا پارليامينت ۽ جمهوريت جي فتح آهي. ان کي خبر هئي ته جيڪڏهن هو اها ڳالهه مڃي ته هو ملڪ جو پهريون وزيراعظم آهي جنهن خلاف ڪا ڌانڌلي ۽ سازش نه ٿي ۽ ان کي جمهوري ۽ آئيني طريقي سان ڪڍيو ويو. وڏي ڳالهه آهي ته عوام به سليڪٽيڊ ۽ ان جي سهولتڪارن کي به وڏي عزت سان خداحافظ ڪري ڇڏيو، هي عوام جي فتح ۽ جمهوريت جي ڪاميابي آهي ۽ انهن آصف علي زرداري کي ٻيهر جيل ۽ فريال ٽالپر کي عيد جي رات اسپتال مان گهلي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ انهن کي ماڻهن مخالفن جي گهرن جي عورتن کي به نه ڇڏيو ۽ عوام انهن جو صحيح بندوبست ڪيو. هن چيو ته هاڻي ڄاڻي وٺو ته جيئن مشرف ماضي جو قصو بڻجي چڪو آهي ۽ هي سليڪٽيڊ ۽ مشرف جي باقيات ماضي جو حصو بڻجي چڪا آهن. انهن جو ڪو به مستقبل ناهي پر عوام جو مستقبل آهي، اهي ڀلي رڙيون ڪن اسان کي عوام جي ڀلائي لاءِ سوچڻو آهي ۽ مستقبل ۾ توهان کي ملڪ کي سنڀالڻو ۽ مسئلن کي حل ڪرڻو آهي، ماضي ۾ به عوام اهو ڪم ڪيو جيڪڏهن ماضي ۾ ملڪ مشڪل ۾ هو ته اها پيپلز پارٽي هئي جنهن ملڪ کي معاشي مشڪل مان ڪڍيو، سفارتي سطح تي مشڪلاتون هيون اها پيپلز پارٽي هئي جنهن نجات ڏياري ۽ اڳتي به اها ذميواري عوام کي نڀائڻي پوندي، ملڪ ۾ لاقانونيت، دهشتگردي ۽ ٻيا مسئلا هئا انهن کي منهن سدائين پيپلز پارٽي ڏيندي آهي، اسان ماضي ۾ به خدمت ڪئي ۽ اڄ به ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ وقت ۾ به هن ملڪ ۽ عوام جي خدمت پيپلز پارٽي جا جيالا ئي ڪندا. اسان شهيد ڀٽو جي نظريي تي يقين رکون ٿا، شهيد ڀٽو جي اجهي، اٽي ۽ لٽي جي نعري تي آصف علي زرداري به هلندي بي آءِ ايس پي پروگرام شروع ڪيو ۽ ان ۾ اضافو به ان فلسفي تحت ڪرڻو آهي، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي پروگرام آهي جنهن تحت هڪ لک کان وڌيڪ عورتون بنا وياج قرض وٺي پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيون آهن اهي به شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نعري اجهي، اٽي ۽ لٽي جا نعرا هڻي رهيون آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسان کي ليڊي هيلٿ ورڪر جو پروگرام ڏنو ان نعري جو جائزو وٺندي اسان سنڌ ۾ مفت اسپتالون ٺاهيون آهن ۽ ٿوري مفاصلي تي گمبٽ اسپتال جتي ڪينسر، گڙدن ۽ جگر جو علاج بلڪل مفت آهي، اسان عام ماڻهن کي اهي سهولتون فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪي اميرن کي فراهم ٿيل آهن، ڪراچي کان حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر تائين دل جون هر هنڌ اسپتالون آهن ۽ گهرن جي ويجهو به اسپتالون هجن ۽ ڪنهن ماڻهو کي ڪو به مرض آهي ان جو مفت علاج ڪرائي سگهن، اوهان ڏٺو ته پوري پاڪستان ۾ ميٽرو جو فيشن هيو پر اسان جي نظريي موجب سنڌ ۾ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي، مهانگائي ۽ پئٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کي ڏسي عوام جو احساس ڪري سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ جو نظام شروع ڪيو آهي جيڪو نه رڳو ڪراچي، لاڙڪاڻو پر پوري صوبي ۾ پکڙجندو ۽ موقعو مليو ته پوري ملڪ ۾ پکڙجندو ۽ اهو ڪم تمام سولو آهي جنهن ۾ سڀ سهولتون هجن ۽ مزدور توڙي عام ماڻهو آساني سان سفر ڪن ۽ 50 روپين جي اندر انهن بسن ۾ ماڻهو سفر ڪري سگهن توهان جيڪي منصوبا جوڙيو انهن لاءِ پهرين سوچيو ته ان ۾ ڇا غريب عوام جو فائدو آهي ته پوءِ اهو ڪم ڪيو. اسان گهڻو ڪجهه ڪيو ۽ گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ جيڪي ڪم رهن ٿا انهن کي مڪمل ڪرڻو آهي، جيڪڏهن ملڪ مشڪل ۾ آهي ته پي پي پي جا جيالا ئي بچائي سگهن ٿا. باقي ٻين ۾ صلاحيت يا سوچ ناهي جو اهي مشڪلن جو خاتمو ڪن. هن چيو ته عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ماضي ۾ به ۽ مستقبل ۾ به پيپلز پارٽي ئي ڪم ڪندي، ان لاءِ پوري دنيا ۾ پاڪستان جي وقار کي بلند ڪري عزت ڪراڻي آهي ۽ اکين ۾ اکيون وجهي ڪم ڪرڻو آهي اها ماضي ۾ به پيپلز پارٽي هئي ۽ اها هڪ ئي پارٽي پيپلز پارٽي آهي جيڪا اهي سڀ ڪم ڪري سگهي ٿي جيڪڏهن توهان کي دهشتگردن ۽ انتهاپسندن کي شڪست ڏيڻي آهي ته پوءِ ماضي ۾ به هڪ پارٽي ڪري ڏيکاريو ۽ اڳتي به اها پارٽي ڪري ڏيکاريندي. هن چيو ته اڄ پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي، اسان گذريل سال جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ شروع ڪئي، معاشي انصاف واري تحريڪ، پاڪستان جي دنيا ۾ عزت بحال ڪرڻ، پاڪستان کي انتهاپسند ۽ دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ واري تحريڪ شروع ڪئي، عوامي مارچ جي شروعات ڪئي ۽ سليڪٽيڊ مان آزادي حاصل ڪرڻي هئي ۽ مشرف جي باقيات جو بندوبست ڪرڻو هو ۽ ان سازشن کي ناڪام ڪرڻو هو هي ته ڪٺ پتلي هو ۽ اصل سازش اسان جي آئين، جمهوريت، صوبائي خودمختياري، صوبن جي حقن جي خلاف هئي ۽ پوري دنيا ۾ پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ، پاڪستان کي معاشي طور تي ڪمزور ڪرڻ ۽ ماڻهن جو معاشي قتل عام ڪرڻ واري سازش کي اسان کي ناڪام ڪرڻو هو، هن سليڪٽيڊ جي ناڪامي ۽ نالائقي جي ڪري پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي دنيا ۾ پاڪستان جي جيڪا حيثيت ۽ اهميت هئي اها نه پئي ملي، پاڪستان کي انتهاپسندي ۽ دهشگردي سان ڳنڍيو ويندو هو ان ۾ اسان پنهنجو ۽ ڪشمير جو دفاع نه ڪري سگهندا هئاسين انهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي پهرين صف جو ڪردار ادا ڪيو ۽ اسان جي پارٽي جي ڪارڪنن، پوليس جي جوانن ۽ آفيسرن ڪراچي کان ڪي پي ڪي تائين شهادتون ماڻي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو اسان جا فوجي سرحدن کان پوري ملڪ تائين شهادتون قبول ڪري دهشتگردن کي شڪست ڏني، دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي وئي هئي ۽ دهشتگردن کي ماڻهو نه پيا ملن اهي ڪم ڪن ۽ آپريشن ضرب عضب ۽ ٻيا آپريشن ڪري دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪئي جيڪي لڪي رهيا هئا ۽ جيڪو ڪم پوري نيٽو افغانستان ۽ پوري دنيا ۾ نه ڪري سگهيو اهو ڪم پاڪستان جي فوج پاڪستان ۾ ڪري ڏيکاريو. انهن دهشتگردن جو مقابلو اسان جي استادن اسڪولن ۾ ويهي شهادتون ماڻيون ۽ اي پي ايس جي شهيد ٻارڙن مقابلو ڪري شهيد ٿيا پر اڄ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا ڪارڪن سوال پڇي رهيا آهن ته هن سليڪٽيڊ، ناجائز ۽ نالائق کي ڪنهن اجازت ڏني ته هو دهشتگردن جي اڳيان ڳوڏا کوڙي ۽ پير وٺي ڳالهيون ڪري ڪنهن چيو ان کي ڪنهن اجازت ڏني ۽ ڪيئن برداشت ڪيو ڇا انهن پاڪستان جي عوام ۽ دهشتگردي جي متاثرن کان پڇا ڪرڻ جي بغير ڪنهن انهن کي اجازت ڏني؟ پارليامينٽ کان پڇا ڪرڻ بغير دهشگردن جو پير پڪڙي ڳالهيون ڪري ڪنهن دهشتگردن کي ڪئمپن ۽ جيل مان ڪڍيو انهن کي ڪنهن دعوت ڏني اهو ڪيئن برداشت ٿي ۽ اسان جي فوج ڏکڻ وزيرستان ۽ اتر وزيرستان دهشتگردن ۽ انتهاپسندن کان پاڪ ڪيو ڪنهن اجازت ڏني جو اڄ ٻيهر دهشگردي ڪَر کنيو آهي ۽ ڪنهن اجازت ڏني ته هو هٿيار کڻي اچن. اسان جي فوج ۽ پوليس جون قربانيون آهن جنهن ڪري پاڪستان ۾ امن قائم ٿيو ۽ هڪ ڪرڪيٽر، سليڪٽيڊ ۽ نالائق کي اسان مٿان مڙهيو ويو جنهن ڪري اڄ دهشتگردي ڪر کنيو آهي، اسان حڪومت ۾ آهيون ۽ دهشتگردي بابت پاليسي کي رويو ڪرڻ لاءِ به ڳالهايو ويندو، عمران خان جي دهشتگردن ۽ انتهاپسندي جي لاءِ جيڪا پاليسي هئي ان کي ڇڏي قانون جي عملدار قائم ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، اسان ۾ صلاحيتون آهن ۽ انشاءَ الله مقابلو ڪنداسين سڀ کان پهريان ان جو حساب ڏيڻ گهرجي ان جو حساب ۽ جواب پاڪستان جي عوام، ڪي پي ڪي، پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ جي عوام ۽ شهيدن جي وارثن کي ڏيڻو پوندو جيڪي حساب گهري رهيا آهن ته دهشتگردي ٻيهر ڪَر ڇو کڻي رهي آهي. هن چيو ته هي سليڪٽيڊ جي جيڪا پاليسي هئي هو عام ماڻهو مٿان بار وجهندو رهيو ۽ معاشي طور تي پاڪستان کي تاريخي نقصان پهتو ۽ ان جي نااهلي ۽ نالائقي ۽ ناقص پاليسي جي ڪري پاڪستان کي نقصان پهتو ۽ ڪرونا جي ڪري، روسي ۽ يوڪرين جي جنگ جي اثرن، مهانگائي، غربت ۽ کاڌي پيتي جي بل جي بار جي ڪري عوام اهو بار کڻي رهيو آهي اهي اهڙا نقصان آهن جنهن معيشت کي سليڪٽڊ هٿ سان تباهه ڪيو ۽ اهڙيون اهڙيون معاشي پاليسيون لاڳون ڪيون جيڪي پاڪستان جي معِيشت تي خودڪش حملا هئا ۽ پاڪستان کي ڏيوالو ڪرڻ وارا هئا، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڏيوالي جو خطرو هو ۽ ڏيوالي جو خطرو عالمي ۽ معاشي پاليسين جي ڪري نه پر سليڪٽيڊ جي هٿ ٺوڪين پاليسين جي ڪري ٿيو جڏهن وزيراعظم ۽ ان جي معاشي ٽيم پاڪستان کي ڏيوالي کان بچايو ۽ هڪ معاشي طور تي هڪ وڏي سانحي کي روڪيو ته پوءِ پاڪستان جي معيشت صحيح رخ ۾ هلي رهي هئي ۽ پاڪستان جي چلهه ٻيهر ٻرڻ واري هئي پر قدرت جي طرفان اهڙو حادثو آيو جنهن جو نقصان اسان اڄ به ڀوڳي رهيا آهيون، مان جيترو به ان جي وضاحت ڪيان اهو گهٽ آهي ۽ ٻوڏ وارو سلسلو اڄ به ڪيترن ئي علائقن ۾ جاري آهي ۽ هي اسان لاءِ قيامت کان اڳ قيامت هئي ۽ چوماسي برسات مهينن جا مهينا هلندي رهي، پاڪستان جو هڪ حصو پاڻي جي هيٺ ٻڏل هو، اسمان مان نظر اچي رهيو هو جتي پاڪستان جو هڪ حصو زمين هئي اتي هڪ تلاءُ بڻيل آهي، سنڌ کان لسٻيلا، جنوبي پنجاب ۽ گلگت بلستان تائين ان ٻوڏ جا اثر هئا ۽ اڃان تائين آهن ان ۾ 30 ارب ڊالرن جو نقصان معيشت کي ٿيو، 5 ملين ايڪڙ فصل ٻڏي ويو، 2 ملين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، 30 ملين متاثرن مان 6 ملين ٻار ۽ 3 ملين ڳورهاري عورتون هيون، گهر به ڊهي ويا ۽ مزدوري جو سلسلو به رڪجي ويو ۽ ايڏو پاڻي گڏ ٿيو جيڪو تاريخ ۾ ڪڏهن نه ٿيو ۽ هاڻي اسان جي سامهون ٿيو، هي انساني نقصان آهي ۽ جيڪو نقصان انسانن، جانورن ۽ فصل کي ٿيو ۽ صحت جي سهولتن ۽ عمارتن کي نقصان ٿيو جنهن پاڻي مان مليريا، ڍينگي ۽ ٻيون بيماريون ڦهلجي ويون، تعليمي ايمرجنسي، معاشي 30 سيڪڙو نقصان پهتو، معاشي طور تي غربت، مهانگائي ۾ اضافو ٿيو ۽ صرف سنڌ ۾ 50 سيڪڙو تعليمي ادارا هن هڪ ئي ٻوڏ ۽ برسات جي ڪري نقصان ٿيو يا سمورا ادارا تباهه ٿي ويا جتي نوجوان اسڪول ويندا هئا ۽ اسڪول ڪريل هوندو ۽ تعليمي ادارن کي نقصان پهتو آهي ته پوءِ اهي نوجوان اڃان تائين تعليم کان محروم آهن ۽ انهن جي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن ٻيو ڪو ملڪ هجي ها ته سياست رڪجي وڃي ها، جلسي جلوس جو سلسلو ختم هجي ۽ هر ڪوئي متاثرن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ها پر اسان ان ڪوشش ۾ آهيون ۽ آئنده به هونداسين ته پوري دنيا مان جيڪا امداد گڏ ڪرڻي پئي اها ڪنداسين ۽ هي تماشو ڏسو ته هڪ طرف پاڪستان جو هڪ حصو ٻڏو پيو آهي ۽ 30 ارب روپين جو نقصان ٿيو. هن چيو ته لانگ مارچ ۽ ڊرامن سان ملڪ هلي نه سگهندو ۽ سياست نه ٿيندي آئون پنهنجي مخالف کي چوندس ته هو پهريان انسان بڻجي پوءِ سياست ڪري، پاڪستان جو عوام ۽ معيشت بچندي پوءِ اسان سياست ڪري وزيراعظم جي ڪرسي لاءِ وڙهنداسين، هڪ طرف سليڪٽيڊ جي انا ۽ ٻئي طرف ٻوڏ متاثر ۽ معاشي ٻوڏ جنهن کي عوام ڀوڳي رهيو آهي ۽ اسان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ان ۾ وقت لڳي ويندو ان کي ڪجهه مهينن ۾ حل نه ٿو ڪري سگهجي. شڪر آهي ته آءُ وقت تي نيو يارڪ ۾ اقوام متحده جي سربراهه کي هتي آڻي لاڙڪاڻو ۽ بلوچستان ڏيکاريو ته هو ڏسي هتي ڪهڙو نقصان ۽ وقت کان اڳ قيامت آئي آهي، اسان ان جا ٿورائتا اهيون جيڪو هر قدم تي پاڪستان جي مدد ڪري رهيو آهي ۽ مان هڪ کان ٻئي ملڪ جو دورو ڪري رهيو آهيان ڇاڪاڻ اسان جي ماڻهن جا گهر تباهه ٿي ويا آهن ۽ جيڪي اڳ غريب نه هئا ۽ اهي هارپو ۽ مزدوري ڪري رهيا هئا هاڻي سڀئي غربت جي لڪير هيٺيان اچي ويا آهن ۽ 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو ان جي اڌ ازالي لاءِ هڪ سال ته لڳندو، جنوري ۾ يورپ ۾ وزيراعظم ۽ اقوام متحده گڏجي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پروگرام ڪندا ۽ ان پروگرام کي اسان پوري دنيا ۾ کڻي ويندس ان سان اسان نه صرف ٻوڏ متاثر پر زراعت سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي واهر توڙي انفراسٽڪرچر جي بحالي تي به ڪم ڪرڻو آهي. آئون سنڌ جي وڏي وزير جي تعريف ڪرڻ ۽ شڪريو ادا ڪيان ٿو جو هن ڪمال ڪيو آهي جڏهن برساتون وسي رهيون هيون ۽ ٻوڏ نه آئي هئي شاهه صاحب ان وقت سنڌ جي ضروري منصوبن جي لاءِ پوري تياري ڪري منصوبا ٺاهيا ۽ وقت کان اڳ مڪمل ڪيا ۽ هاڻي جڏهن آءُ آمريڪا هيس ته سنڌ جي وڏي وزير جي محنت ۽ تياري جي ڪري اسان ورلڊ بئنڪ کان 2 ارب ڊالر جو قرض سنڌ جي عوام ۽ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ بندوبست ڪيو اهو ان ڪري ممڪن ٿيو جيڪڏهن ٻين صوبن جا وڏا وزير وقت تي محنت ڪن ها ته اسان انهن لاءِ به بندوبست ڪيون ها سنڌ ۾ 9 جنوري کان ملندڙ پئسن مان ڪم شروع ڪنداسين، قدرت جي طرفان قيامت کان اڳ ئي قيامت واري صورتحال هئي، اسين ورلڊ بئنڪ جي منصوبن ۽ وفاقي پئسن مان متاثرن جي ايتري مدد ڪيون جو اهي چئي سگهن ته انهن جي حالت ٻوڏ کان اڳ واري صورتحال کان بهتر آهي، ٻوڏ متاثر چاهي اهو سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ هجي انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي، اسان چاهيون ٿا ته توهان هن ترقي ۽ سيڙپڪاري کان پوءِ عوام جو مستقبل بهتر ٿي ۽ توهان معاشي طور تي مضبوط ۽ اوهان جي ٻارن جو مستقبل بهتر ٿئي. هن چيو ته ورلڊ بئنڪ مان ملندڙ قرض مان مڪمل طور تباهه ٿيل گهرن کي هڪ حصو پئسا ڏينداسين جيڪي پنهنجي لاءِ نوان گهر ٺاهي سگهن ۽ بنا وياج جي قرض به ڏينداسين جيڪا موجود هوندي ۽ سڀ کان وڌيڪ پوري سنڌ ۾ جن جي گهرن کي نقصان ٿيو ۽ گهر تباهه ٿيا انهن جا ڪچا گهر ته آهن پر اهي انهن گهرن ۽ زمينن جا مالڪ ناهن تنهن ڪري مون وڏي وزير کي چيو آهي ته هاڻي هي اسان جو موقعو آهي اسين لينڊ ريفارم ڪيون ۽ اسين نه صرف پئسا ڏينداسين ته گهر ٺهي سگهن ۽ بنا وياج جا قرض ڏينداسين پر جيڪي زمين صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي زمين آهي اها زمين صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي نه پر انهن ماڻهن جي هوندي ۽ هن ڌرتي جي ماڻهن کي پنهنجي زمين جو مالڪ بڻائينداسين ۽ ان سان معاشي قوتن ۾ اضافو ڪنداسين، ان کان علاوه ان گهر جي عورتن کي ان زمين جو مالڪ بڻائينداسين ۽ ان سان انهن جي معاشي سگهه ۾ اضافو ٿيندو ۽ عورتن کي خودمختياري ملندي، اهو هاڻي عوام جو اثاثو آهي جيڪي نسل درنسل انهن زمينن تي رهي رهيا آهن اها زمين حڪومت جي ڪم جي ناهي ۽ ايڏي وڏي آفت آئي آهي ان ۾ اسان جو فرض آهي ته اسان توهان لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهون، آئون چاهيان ٿو جيڪو توهان جو اثاثو اهي اهو توهان جو به اثاثو رهي ۽ جيڪڏهن توهان جي زمين آهي ته توهان کي قرض ملي ان سان توهان جي معاشي صورتحال بهتر ٿيندي ۽ توهان ايندڙ نسل کي هي اثاثا ڏيندا رهندا جنهن ۾ اضافو ٿيندو رهندو ۽ هو به قرض کڻي پئسو ڪمائي سگهن ٿا هي انقلابي قدم آهن ۽ اسان نه صرف ٻوڏ جو حل ڪڍنداسين پر غربت ۽ مهانگائي جو به خاتمو ڪنداسين ان سلسلي ۾ جڏهن موقعو مليو ۽ ورلڊ بئنڪ جي پروگرام يا ٻيا پروگرامن سان زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪنداسين جيئن متاثر چون ته آءُ ٻوڏ جي اڳ واري صورتحال کان وڌيڪ خوشحال آهيان. هن چيو ته ڪافي معاشي مشڪلاتون آهن پر ماضي ۾ وزيراعظم ۽ ان جي فنانس ٽيم ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو ۽ اڳتي هلي ڪري جيڪي معاشي مشڪلاتون هونديون وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم سنڀاليندا. هن چيو ته جيڪو سليڪٽيڊ هن معاشي بحران جو ذميوار آهي جنهن معيشت تي خودڪش حملو ڪري مهانگائي جو سونامي آندو ۽ پوري ملڪ ۾ مهانگائي ڪري ان شخص کي ٻيهر موقعو ملي نه ٿو سگهي جيڪو ٻيهر ملڪ ۾ معاشي تباهي، غربت ۽ مهانگائي کي آڻي، اسان کٽي چڪا آهيون ۽ جمهوريت جي فضا ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته ملڪ جو سپهه سالار بيهي چوي ٿو ته سياست ۾ مداخلت ٿيندي آهي ۽ اهي توبهه ڪري اڳتي سياست ۾ مداخلت نه ڪندو، اها ئي جمهوريت جو انتقام آهي، شهيد بي بي، شهيد ڀٽو جو انتقام آهي ۽ هي واعدو جيڪو ملڪ ۽ قوم سان ڪيو ويو ته ادارا غير سياسي هوندا ۽ سياست ۾ مداخلت نه ڪندا ۽ آئين جا پابند بڻجي پنهنجي دائري ۾ ڪم ڪندا ۽ اسان کي پڪ ڏيندا ته اهي ان تي ڪاربند رهندا ۽ اسان جي اسٽبلشمنت به ان عزم سان اڳتي وڌندي ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير به روڪي نه سگهندو اها توهان ۽ پوري پاڪستان جي عوام جي فتح آهي پر مشرف جي باقيات ۽ سليڪٽيڊ جي سياست لاءِ قيامت جي نشاني آهي ۽ هي هاڻي سياسي يتيم بڻجي چڪا آهن اهو ئي ڪارڻ آهي جو بني گالا مان رڙيون نڪري رهيون آهن ۽ جلاءُ گهيراءُ جي سياست جي ڌمڪي ڏئي جي ٽي روڊ کان نڪري پوءِ ڀڄي ويندا آهن ۽ لڪي لڪي تقريريون ڪندا آهن اهو آپشن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لاءِ به هو پر اها دلير اڳواڻ هئي ان دهشتگردن جي ڌمڪين جي باوجود ڪم ڪندي رهي پر هي بزدل بني گالا ۾ لڪي ويٺو ۽ پنهنجو سازشون ڪندو رهيو. ان جي هر ڪوشش هوندي ته هو فوج کي سياست ۾ گهلي ۽ هو آئين جي آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي ته اچن ۽ اچي آئين ٽوڙي عمران خان ج مدد ڪن، جنهن طريقي سان عوام هر سازش کي ناڪام بڻايو اهڙي طريقي سان عوام اهڙن سازشن کي به ناڪام بڻائيندو. پاڪستان پيپلز پارٽي هر سازش ۽ هن ڪٺ پتلي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، ان لاءِ آخري وارننگ آهي ته هو پارليامينٽ ۾ اچي ڪرسي تي ويهي ۽ پنهنجو ڪم ڪري، اسان توهان کي چار سال بطور اپوزيشن ڀوڳيو توهان پهرين ڏينهن نخرا شروع ڪري ڇڏيا ۽ ٻاهر اچي روئڻ شروع ڪري ڏنو توهان اهڙي فلسفي تي هلي رهيا آهيو جيڪڏهن توهان کي کيڏڻ نه ڏنو ويو ته توهان ٻين کي به کيڏڻ نه ڏيندئو توهان لاءِ آخري وارننگ آهي توهان پارليامينٽ جو حصو بڻجي ويهو پوءِ حڪومت توهان سان ڳالهائيندي، حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن سان ڳالهيون نه ڪندي اسان توهان جو مقابلو چونڊن جي ذريعي ڪنداسين، چونڊ سڌارن، نيب سڌارن جي لاءِ اچي ڳالهيون ڪيون مان نه ٿو چاهيان ته توهان سان به اهو ٿئي جيئن اڳوڻي خاتون اول محترمه بينظير ڀٽو سان ٿيو ائين توهان جا ٻار به گهمن ۽ توهان جيل ۾ هجو ۽ توهان نيب جي زد ۾ اچو، توهان اچو مخالف ڌر جو ڪم ڪيو ۽ اچي ترميم ۾ پنهنجو حصو وجهو پوءِ هر مسئلي تي ڳالهيون ٿينديون ۽ آئين سان ڇيڙڇاڙ ڪندو ته پوءِ ضروري ڪجهه ٿيندو توهان سان ته ڪجهه نه ناهي ٿو توهان نواز شريف جي ڌيءَ کي سندس والد جي سامهون گرفتار ڪرايو ۽ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪرايو تنهن ڪري اسين سياسي انتقام تي يقين نه ٿا رکون ۽ جيڪڏهن توهان جمهوري ڪردار ۽ پارليامينٽ ۾ ڪردار ادا نه ڪندئو ته جن کي اهو ڪم ڪرڻو آهي اهو اسان روڪي نه ٿا سگهون ۽ جيڪو ڪجهه توهان سان ٿيندو توهان اهو برداشت نه ڪندو، صدر زرداري کي 11 سالن تائين جيل ۾ وڌو ويو، پيپلز پارٽي وارا جنرل ضياءَ جي دور ۾ ڪوڙا کاڌا ۽ جيل ڀوڳيو پر توهان اهي برداشت نه ڪندو اسان اهي سڀي تڪليفون برداشت ڪيون آهن جيئن اسان جي ايندر نسل کي نه ڀوڳڻو پوندو ايندر نسل لاءِ اسان کي پنهنجي ذات کي ترجيح ناهي ڏيڻي، عوام کي موقعو ڏيڻو آهي اهي اسان کي توهان کي سڃاڻن ٿا ۽ عوام ڄاڻي ٿو ته چئن سالن جي دوران عوام سان ڇا ڪيو ويو، عمران خان جي دور ۾ پاڪستان پوري دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي ملڪي واڳون اسان جي هٿن ۾ آهن اسان اکين ۾ اکيون وجهي پاڪستان جي ترجماني ڪندا آهيون توهان جي دور ۾ جڏهن ڀارت پاڪستان تي حملو ۽ زباني وار ڪندو هو ته توهان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندا هئا ۽ جڏهن ڀارت والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي ته توهان پارليامينٽ ۾ اچي چيو ته مان ڇا ڪري سگهان ٿو هاڻي مان پرڏيهي وزير آهيان ۽ مودي جي اکين سان اکيون ملائي پوري دنيا سان ڳالهائي سگهان ٿو هي نوجوانن جو وقت آهي ۽ اهو وقت اچي ويو ته هاڻي اسان هن سليڪٽيڊ ۽ رٽائرڊ کي آئوٽ ڪريون ۽ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيون جيئن هو اڳتي اچي ايوانن ۾ اچن ۽ پنهنجي ملڪ توڙي عوام جي نمائندگي ڪري سگهن. هي هاڻي ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن جيڪي گهمي ڦري ۽ هلي نه ٿا سگهن، اهي هاڻي پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام کي جيئڻ ڏين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪيٽيڊ پنهنجي پارليامينٽ مان فارغ ٿيڻ جو ڪريڊٽ پاڪستان جي سياسي پارٽين، عوام بدران وائيٽ هائوس کي ۽ جو بائيڊن کي ڏيڻ پيو چاهي ۽ چوي ٿو ته آمريڪا جي صدر مون کي ڪڍيو، هن چيو ته توهان کي آمريڪا جي صدر نه پر پيپلزپارٽي جي جيالن ڪڍيو. پرڏيهي وزير چيو ته اها وائيٽ هائوس جي سازش نه هئي پر بلاول هائوس جي سازش توهان کي ٻاهر ڪڍيو، اها بند ڪمرن جي سازش نه هئي، اسان هن ملڪ جي رستن ۽ پارليامينٽ ۾ بيهي چوندا رهياسين ته اسان هي ڪم ڪرڻ وڃون پيا ۽ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو.