APP48-261222 DERA ISMAIL KHAN: December 26 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif addressing a ceremony organized with regard to the development projects for Southern Districts of Khyber Pakhtunkhwa. APP/IQJ/FHA

ڊيره اسماعيل خان – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي ملڪ جي لاءِ فتنو ۽ ناسور آهي ان کي ڪچليو ويندو، گهڙي چور ملڪ کي دنيا ۾ بدنام ڪيو، معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو ۽ دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا، خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ سان تباهي اڳوڻي حڪومت جي غلط منصوبابندي جي ڪري ٿي، عمران نيازي جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هو، اتحادي حڪومت ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي، عوام پريشان نه ٿئي ملڪ کي مشڪل مان ڪڍنداسين، ٻوڏ متاثرين جي گهرن ۾ آبادڪاري تائين ساک سان نه ويهنداسين، اربين رپين جي ترقياتي منصوبن سان ڏکڻ خيبرپختونخواهه ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار مختلف ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر ۽ افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سميت اعليٰ سرڪاري آفيسرن ۽ علائقي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جو فتنو ٻيهر ڪَر کڻي رهيو آهي، بنون ۾ انتهائي دل ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو پر قانون لاڳ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ ڪمانڊو آفيسرن ۽ جوانن آپريشن ڪيو، آپريشن ۾ حصو وٺندڙ آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ آفيسر ۽ اهلڪار اسان جا هيرو آهن، انهن جي قرباني کي سدائين ياد رکيو ويندو، انهن جرئت ۽ بهادري جي شاندار تاريخ لکي آهي، واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ آفيسرن ۽ جوانن جي اسپتال ۾ خيريت معلوم ڪئي آهي، انهن جرئت، بهادري ۽ ڀرپور عزم جو مظاهرو ڪيو آهي، هڪ فوجي آفيسر موڪل تي هجڻ جي باوجود رضاڪاراڻي طور تي آپريشن ۾ حصو ورتو، ان جي جرئت، بهادري ۽ عزم ساراهه جوڳي آهي، بلوچستان ۾ به هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آهي، ان معاملي تي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، انهن واقعن جي روڪٿام ۽ دهشتگردي جي ناسور کي ڪچلڻ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي، وفاقي، صوبائي حڪومتون ۽ ادارا گڏجي ڀتاخوري، اغوا ۽ دهشتگردي جي فتني کي ڪچليندا. وزيراعظم چيو ته هن علائقي ۾ ڪجهه مهينا اڳ جڏهن هو آيو هو ته هر طرف پاڻي ئي پاڻي هو، ٻوڏ سان تمام گهڻي تباهي ٿي پر اڄ هتي ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي، ٻوڏ سان نوشهره، چارسده، ڪالام، ڪوهستان، ڊيره اسماعيل خان ۽ ٽانڪ ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو، سوات ۾ جيڪا تباهي ٿي ان ۾ وڏو حصو اڳوڻي حڪومت جي غلط منصوبابندي جو آهي، درياءَ جي اندر گهر ۽ هوٽل ٺاهيا ويا ۽ صوبي ۾ ان پارٽي جي حڪومت آهي جيڪا ٻين تي تنقيد ڪري ٿي پر پنهنجي خراب گورننس ۽ حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري هتي تباهي ٿي. وزيراعظم چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ادارن ڏينهن رات ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ قدم کنيا ۽ 85 ارب رپين جي رقم ٻوڏ متاثرين ۾ 25، 25 هزار رپيا في خاندان جي حساب سان ورهائي وئي، ان کانسواءِ متاثرين کي ڪمبل، خيما ۽ دوائون پڻ فراهم ڪيون ويون، ٻين ملڪن به مدد ڪئي پر ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وسيلا جيترا به خرچ ڪريون اهي گهٽ آهن، 9 جنوري تي جنيوا ۾ ڊونرز ڪانفرنس ٿي رهي آهي، اتي به دنيا کي ٻڌائينداسين ته گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي جڏهن ته ترقي يافته ملڪن جو وڌيڪ حصو آهي، جيڪا تباهي ٿي آهي اها اسان جي ڪري ناهي ٿي، اتحادي حڪومت ۽ صوبا ٻوڏ متاثرين جي گهرن ۾ ٻيهر آبادڪاري تائين سک سان نه ويهندا. هن چيو ته هتي ترقياتي منصوبن جي شروعات مولانا فضل الرحمان جي ذاتي دلچسپي جو مظهر آهي، اسلام آباد کان ڊيره اسماعيل خان تائين هڪله موٽروي پڻ تعمير ٿي چڪي آهي، ان موٽرويز جو معمار اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف آهي جنهن پوري ملڪ ۾ موٽرويز جو ڄار وڇايو ۽ موٽرويز جي سي پيڪ روٽ جي آخري حصي جي طور تي سکر حيدرآباد موٽروي جي پڻ پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت پنهنجي دور ۾ ترقياتي منصوبن ۾ التوا ۾ رکيو، معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو جنهن سان ترقي ۽ خوشحالي رڪجي وئي، دوست ملڪ به ناراض ڪيا ويا هئا، عمران نيازي خانه ڪعبه جي ماڊل واري گهڙيءَ وڪرو ڪري پئسا پنهنجي کيسي ۾ وڌا ۽ ملڪ کي بدنام ڪيو، مخالفن تي ڏينهن رات الزام بازي ڪئي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته جڏهن هن حلف کنيو ته کيس به احساس نه هو ته معيشت اڳوڻي حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري ايتري تباهه حال ٿي چڪي آهي، ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هو، آءِ ايم ايف سان معاهدو ختم ٿي چڪو هو پر اتحادي حڪومت ۽ ادارن جي ڪوششن ۽ عوام جي دعائن ۽ پاڪستان جي همدردن جي محنت ۽ تعاون سان ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو ويو آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته تمام گهڻا چئلينجز موجود آهن، ٻوڏ سان 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، دنيا ۾ ٻاڙائي آهي، تيل ۽ گئس جون قيمتون وڌي چڪيون آهن جڏهن ته عوام پريشان نه ٿئي اتحادي حڪومت ۽ ادارا ملڪ کي مشڪل مان ڪڍندا، جيڪڏهن اسان محنت ڪريون ته پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي هلي ويندو، نعرن، مرثين ۽ شعرن سان نه محنت سان ملڪ ترقي ڪندو. وزيراعظم چيو ته هن ڊيره اسماعيل خان زوب سي پيڪ روٽ جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، چشما رائٽ بينڪ ڪينال منصوبي سان هزارين ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي، چشما پاور پلانٽ منصوبو به تعطل جو شڪار هو، هاڻي اهو ڏيڍ سال ۾ مڪمل ٿي ويندو، 132 ڪي وي جي گرڊ اسٽيشن جي پيڙهه جي پٿر تي علائقي جي عوام مبارڪباد جي مستحق آهي. وزيراعظم چيو ته چونڊن ۾ عوام فيصلو ڪندي ته ان کي انهن کي ووٽ ڏيڻو آهي جن خانه ڪعبه جي ماڊل واري گهڙيءَ تائين وڪرو ڪري ڇڏي ۽ ڏينهن رات الزام بازي ڪن ٿا يا انهن کي ووٽ ڏي جيڪي ڏينهن رات ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن، اسان ملڪ کي غربت ۽ بيروزگاري مان ڪڍنداسين، جن هن صوبي جو انتظام حڪومت حڪومت 10 سال هلايو انهن کي عوام جي ترقي سان ڪو سروڪار نه آهي، ڊيمن جي تعمير علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي، واپڊا چيئرمين ان سلسلي ۾ منصوبابندي ڪري، مرحليوار صوبي ۾ ڊيم تعمير ڪيا ويندا، نئين ايئرپورٽ جي پيڙهه جو پٿر ڊيره اسماعيل خان ۾ رکيو ويو آهي، جنهن سان گڏ انڊسٽريل اسٽيٽ جي پڻ تجويز ڏني وئي آهي، لاڳاپيل وزارتون ان تي ڪم ڪن، ان سان ڊيره اسماعيل خان زرعي ۽ صنعتي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويندو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، هٿياربند فوج، بجلي واري وزارت ۽ ٻين ادارن جهڙي طرح ڪم ڪيو ان تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.