وزيراعظم کي ڊيم آءِ خان جي دوري جي موقعي تي هيلي ڪاپٽر ۾ بريفنگ ڏني وئي

اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڊيره اسماعيل خان جي دوري جي موقعي تي هيلي ڪاپٽر ۾ علائقي جي ترقي جي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني، سي پيڪ جي اولهندي روٽ جي حوالي سان پڻ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو. …

اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڊيره اسماعيل خان جي دوري جي موقعي تي هيلي ڪاپٽر ۾ علائقي جي ترقي جي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني، سي پيڪ جي اولهندي روٽ جي حوالي سان پڻ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڊي آءِ خان ۽ ميانوالي اهم علائقا آهن، انهن کي ترقي جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻو آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي اولهندي روٽ جي ذريعي اهي علائقا خوشحال ٿيندا.

مزید خبریں