APP93-150721 ISLAMABAD: July 15 – The outgoing Ambassador of the Kyrgyz Republic in Pakistan Erik Beishembiev called on President Dr. Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪرغزستان سان ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري تعاون کي وڌيڪ سگهه ۽ ٻطرفي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هو پاڪستان ۾ ڪرغزستان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ايرڪ بيشم بياو سان ڳالهائي رهيو جنهن هتي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ۽ پارلياماني مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻطرفي تعاون جي فروغ جي لاءِ ثقافتي رابطن کي وڌائڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ڪاسا – 1000 منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي فروغ لاءِ ڪرغز سفير جي خدمتن کي ساراهيو.