اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ازبڪستان جي دوري جي پهرين ڏينهن 453 ملين ڊالر جا معاهدا ٿيا آهن. تاشقند ۾ وزيراعظم عمران خان جي ازبڪستان جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تاشقند جي دوري دوران پهرين ڏينهن اسان جو بزنس فورم جو اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ پاڪستان مان 130 جي لڳ ڀڳ اهم بزنس هائوسز جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ انهن جون بزنس ٽو بزنس، ملاقاتون ٿي رهيون آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته ازبڪستان جي ڪاروباري ماڻهن ۾ پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري جو اشتياق ڏسڻ ۾ آيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جا وسيع موقعا ۽ امڪان موجود آهن، اڄ خميس ڏينهن 453 ملين ڊالر جا معاهدا ٿيا آهن.