اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته دنيا ۾ هاڻي جنگيون هٿيارن بدران ميڊيا ذريعي وڙهيون وڃن ٿيون، موجود دور جي گهرجن موجب ميڊيا ادارن جي ڪردار ۾ تبديلي لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ منعقد هڪ تربيتي ورڪشاپ دوران ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان اسٽيٽ ميڊيا جي بيانيي کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، ماضي ۾ اسٽيٽ ميڊيا حڪمران پارٽي جو بيانيو پيش ڪري رهي هئي، اسان کي ان کي رياست جو ترجمان بڻائڻو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي جي ڏسندڙن جي لاءِ خوشخبري آهي ته 14 آگسٽ کان اهي پي ٽي وي نيوز جي ايڇ ڊي نشريات ڏسي سگهندا. هن چيو ته دنيا جي وڏن ادارن تائين پهچڻ جي لاءِ اسان کي وسيلا گهربل آهن. وسيلن ۾ اضافي طرف ماضي ۾ ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، ادارن جي ترقي جي لاءِ اسان کي پنهنجي وسيلن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ جرنلزم اسڪولز ۾ موجوده گهرجن موجب تبديليون آڻي بهترين نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. پي ٽي وي اڪيڊمي کي ترقي ڏئي عالمي معيار موجب ادارو بڻائڻ اسان جي هدفن جو حصو آهي. هن چيو ته پروڊيوسرز جي ڪم ۾ جدت آئي آهي، پي ٽي وي ۾ تربيتي ورڪشاپس جهڙا قدم ساراهه جوڳا آهن. پي ٽي وي کي ترقي طرف وٺي وڃڻ جي لاءِ گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا جي شعبي ۾ دلچسپي رکندڙ شاگردن کي پي ٽي وي ۾ انٽرن شپ فراهم ڪنداسين. انٽرن شپ جي پهرين مرحلي ۾ سڄي ملڪ مان 200 فريش گريجوئيٽس کنيا ويندا ۽ انهن کي اعزازيو به ڏنو ويندو. هن چيو ته هڪ اهڙي باوقار ماحول جي جوڙجڪ اسان جي ترجيح آهي جنهن ۾ سمورا ماڻهو هڪ خاندان وانگر ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته ريڊيو، ٽي وي ۽ اطلاعات واري وزارت جي ٻين ادارن جي ملازمن کي وزيراعظم جي هائوسنگ اسڪيم ۾ پنهنجو گهر ڏيڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير پي ٽي وي جي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جي لاءِ قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. پي ٽي وي ۾ مختلف تربيتي پروگرام متعارف ڪرائڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير مئنيجنگ ڊائريڪٽر عامر منظور ۽ سي ايڇ آر او طاهر مشتاق کي مبارڪباد پڻ ڏني.