اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ گرمي جي موسم جي سياحت ۽ اسڪيئنگ ريزارٽس جي امڪانن جي دريافت جو جائزو وٺي رهيا آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پهريون ڀيرو ديوسائي جي برف ڍڪيل ميدانن کي اسڪيئنگ جي ذريعي عبور ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ديوسائي جي برف زارون جي هموار جبلن تي گرمي جي موسم ۾ ڪيل پهرين اسڪيئنگ جا دلڪش منظر به شيئر ڪيا آهن.